باب:پاڪستان/منتخب مقالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حڪومت پاڪستان وفاقي پارليماني نظام آهي جنهن ۾ صدر مملڪت جي چونڊ عوام جي بجاءِ منتخب پارليمان ڪندي آهي۔ اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو سربراهه صدر مملڪت آهي جيڪو پاڪستان جي افواج جو ڪمانڊر انچيف پڻ هوندو آهي۔ وزير اعظم جيڪو انتظامي امور جو سربراهه هوندو آهي، پارليماني اڪثريت سان منتخب ڪيو ويندو آهي۔ صدر مملڪت ۽ وزير اعظم جو انتخاب ۽ تعيناتي بلڪل جدا پهلو رکندا آهن ۽ انهن جي دور حڪومت جو آئيني طور تي پاڻ ۾ ڪوئي تعلق ناهي۔ 6 سيپٽمبر 2008ء تي پاڪستان جي اليڪٽورل ڪاليج جيڪو ايوان بالا (senate)، ايوان زيرين (National Assembly) چارئي صوبائي اسمبلين تي مشتمل هوندو آهي، آصف علي کي پنج سالن جي مدت جي لاءِ پاڪستان جو يارهون صدر منتخب ڪيو۔ عام طور تي وزير اعظم ايوان زيرين جي اڪثريتي جماعت سان تعلق رکندو آهي ۽ ملڪ جو انتظام ڪابينا جي مدد سان هلائيندو آهي جيڪو مجلس شوريٰ جي ٻنهين ايوانن بالا ۽ زيرين مان منتخب ڪيا ويندا آهن۔ پاڪستان جي هاڻوڪو وزير اعظم ميان محمد نواز شريف آهن جن جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي۔