بابو غلام حسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٺٽي- ضلعي جو مشهور سياستدان -بابو غلام حسين- ولد حاجي عبدالرحيم ميمڻ 8 -جنوري- 1938ع تي -ٺٽي- جي ’سوني منڊي‘ محلي ۾ ڄائو. هن شروعاتي ۽ ثانوي -تعليم- -ٺٽي- مان حاصل ڪئي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر ۽ بي. اي ڪري، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. سياسي زندگيءَ جو آغاز 1964ع ڌاري فاطمه جناح واري اليڪشن ۾ -ايوب خان- جي مخالفت سان ڪيائين. 1967ع ۾ -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1972ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي -ٺٽي- جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. 1987ع ڌاري لوڪل باڊيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي، پوءِ لاڳيتو 1988ع، 1991ع، 1993ع ۽ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي ضلعي -ٺٽي- مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جنرل ضياءُ -الحق- جي دور ۾ 11 مهينا جيل ۾ رهيو. پاڻ پيپلز پارٽيءَ جو مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن آهي. هن وقت -ٺٽي- جي ’سوني منڊي‘ محلي ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]