بابن واھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بابن واهه/ ٻانڀڻاهه: روايت آهي ته هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي، يعني اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي. دلوراءِ جي گاديءَ جو هنڌ شهر بابن واهه هو. بابن واهه شايد بانبراهه جي بدليل صورت هجي، جنهن مان مراد -ٻانڀڻاهه- (-برهمڻ آباد-) هجي، عوام ۾ ائين مروج هو. بابن واهه جي آثارن مان هڪ منارو اڃا تائين سرزمين تي موجود آهي. اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شهدادپور ضلعي سانگهڙ کان -اٺ- ميل ڏکڻ- -اوڀر- پاسي باقي آهي. اهي آثار جيڪي اصل ۾ منصوره شهر جا آهن، عوام ۾ بانبراهه (-برهمڻ آباد-) جا آثار ليکيا وڃن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]