بابا سريچند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بابا سريچند- ، سکن جي گروءَ ، گرونانڪ جو فرزند هو . پاڻ صوبي پنجاب جي شهر تلونڊي ( موجوده نانڪاڻه صاحب ) پاڪستان ۾ 1696ع ۾ ڄائو . سِکن جي روايت موجب هن جي شڪل پکيه نومي تِٿ تي شڪر وار يعني جمعي جي ڏينهن پنجين گهڙيءَ چڙهڻ تي بڊي جي مهيني ۾ نروار ٿي ۽ ڄمڻ وقت پاڻ شنڪر ڀڳوان جي روپ ۾ هو . سندس طبيعت فقيري هئي . سريچند ڪجهه عرصو ڪرتار پور ۾ رهي ، پوءِ نانڪاڻه صاحب کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ -ٺٽي- شهر کان ٻه ميل -اوڀر- طرف سنڌو درياهه جي ڪپ تي آستانو ٺاهي ويٺو . اهو ترخانن جي مرزا باقيءَ جو دور هو . هندو جاتي لڪي لڪي ساڻس ملڻ لڳي ته هن هندن تي -ان- وقت ٿيندڙ زيادتين تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پرارٿنا ڪئي . جڏهن مرزا باقيءَ کي خبر پئي ته هن چيو ، ’هي شخص چريو آهي ، ڇڏي ڏيوس ‘ . مرزا باقيءَ جي انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ تي درويش مرڪيو ۽ چيائين ، اهو پاڻ چريو آهي . -ترت- مرزا باقي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو ۽ خودڪشي ڪيائين . پوءِ مرزا -جاني- بيگ -بابا سريچند- سان ٺاهه ڪيو ۽ هندن سان به سٺي هلت هليو . اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته بابا هتي ڪيترو عرصو رهيو . هن وقت هندو سندس آستان تي پوڄا -پاٺ- لاءِ ڪافي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]