بائيوپسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بائيوپسي
Biopsy

دماغ جي بائيوپسي
مھارت ( ميڊيڪل) surgery
آء سي ڊي-10 پي سي ايس 0?D???X (without force),
0?B???X (with force)
MeSH D001706
OPS-301 code سانچو:OPS301 (without incision)
سانچو:OPS301 (with incision)
MedlinePlus 003416

بائيوپسي(انگريزي: Biopsy) ھڪ ميڊيڪل چڪاس ھوندي آھي جيڪا سرجن، انٽوينشنل ريڊيالاجسٽ يا انٽوينشنل ڪارڊيالوجسٽ مريض جي جسم مان جيو گھرڙي (cell) يا تاندوري (tissue) جو نمونو (sample) ڪڍي ان جو معائنو ڪري ان م بيماري جي موجودگي جو پتو لڳائيندو آهي. عام طور تي تاندوري (tissue) جي چڪاس پيٿالاجسٽ خوردبيني ذريعي ڪندو آهي ۽ ان جي ڪيميائي طريقي سان بہ چڪاس ٿي سگھندي آهي. جڏھن پورو لوٿڙو (lump) يا رسولي يا سموري مشڪوڪ جاء ڪٽي ڪڍي ان جي بائيوپسي ڪرائبي آهي ته ان کي اگزشنل (excisional) بائيوپسي چوندا آهن پر جڏهن سموري لوٿڙي کي يا رسولي کي يا بيماري واري مشڪوڪ جاء کي ڪڍڻ بغير صرف ان جو خراب ٽشو يا تاندورو نموني طور ڪڍي ان جي چڪاس ڪجي تہ ان کي انسشنل (incisional) بائيوپسي يا ڪور بائيوپسي (core biopsy) چئبو آهي. جڏھن ٽشو يا پاڻياٺ کي بائيوپسي لاء سئي جي ذريعي ڪڍيو وڃي اھڙي طرح جو ٽشو جي گھرڙن جي بناوٽ محفوظ نہ رھي تہ ان طريقي کي نيڊل ايسپائريشن بائيوپسي چئبو آهي. عام طور تي بائيوپسي سوڄ ۽ ناسور واري حالتن کي سمجھڻ لاء ڪئي ويندي آهي.

نالي جو اشتقاق[سنواريو]

لفظ بائيوپسي يوناني ٻوليءَ جي لفظن بائيوس (bios) ۽ آپسس (opsis) مان ٺھيل آهي. بايوس جي معني آھي زندگي ء آپسس معني آھي نظر [1] اھو لفظ ميڊيڪل جي اصطلاحن ۾ پھريون ڀيرو ھڪ فرينچ چمڙي جي ماھر (ڊرميٽالاجسٽ)ارنيسٽ بيسنئير (Ernest Besnier) 1879 ۾ متعارف ڪرايو ھو. [2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "biopsy". Online Etymology Dictionary.
  2. Zerbino DD (1994). "Biopsy: Its history, current and future outlook". Likars'ka Sprava / Ministerstvo Okhorony Zdorov'ia Ukrainy (3–4): 1–9. PMID 7975522.