بئنڪ آف آمريڪا پلازا (ڊلاس)
ڏيک
بئنڪ آف آمريڪا پلازا | |
---|---|
![]() | |
عام معلومات |
بئنڪ آف آمريڪا پلازا (Bank of America Plaza) هڪ 72 منزلن واري، 280.7 ميٽر (921 فوٽ) جديد دور جي اسڪائي اسڪرئپر آهي جيڪو مين اسٽريٽ، ڊلاس، ٽڪساس، آمريڪا ۾ شهر جي مرڪزي حصي ۾ واقع آهي. اها شهر ۾ سڀ کان وڏي، ٽيڪساس ۾ ٽيون نمبر ۽ آمريڪا ۾ 40هين نمبر ڊگهي عمارت آهي. ان ۾ 19,00,000 چورس فوٽ (1,80,000 چورس ميٽر) آفيسن جي جاءِ آھي. عمارت جئ پي جئ آرڪيٽيڪٽس (JPJ Architects) پاران ڊيزائن ڪئي وئي آهي ۽ برامپٽن، ڪئناڊا جي ڪمپني، برامليا لميٽيڊ طرفان تيار ڪئي وئي آهي.
اصل مالڪ هڪ گڏيل وينچر جو بندوبست، جنهن ۾ پروڊنشل انشورنس، برامليا لميٽيڊ، ۽ فرسٽ نيشنل بئنڪ آف ڊلاس جي والد ڪمپني، انٽر-فرسٽ ڪارپوريشن (InterFirst Corporation) جي ماتحت آهي. تعمير سال 1983ع ۾ شروع ٿي ۽ ٽاور سال 1985ع ۾ مڪمل ڪيو ويو.