اڻ ٽر صورتحال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھن صفحي کي انگريزي وڪيپيڊيا جي صفحي Fait Accompli سان نہ ڳنڍيو وڃي.

اهڙو مامرو يا حاصلات جنهن کي مَٽائي يا پوئتي نہ ڪري سگهجي ۽ اھو اَٽل هجي، مثال جي طور تي ڪو بہ سگهارو ملڪ يا ڪجهه اتحادي ملڪ گڏجي اوچتو اهڙو فيصلو يا ڪم ڪن، جنهن سان ڀرپاسي جي علائقن ۾ عام ونھوار مطابق هلندڙ معاملا متاثر ٿين، تہ ان کي اڻ ٽر صورتحال (Fait Accompli) جي اصطلاح سان سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي فيصلي يا ڪم ۾ گهڻي قدر نقصان ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. اڻ ٽر صورتحال يا فيٽ اَڪمپلاءِ Fait Accompli جو وڏو مثال اپريل 1982ع ۾ ارجنٽائين طرفان ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود فاڪلينڊ ٻيٽن تي، اوچتو قبضو ڪرڻ واري وک هئي. انهن ٻيٽن تي برطانيا جو 1833ع کان قبضو هو. پر ارجنٽائين انهن ٻيٽن تي (جاگرافيائي لحاظ کان ويجهو هُئڻ ڪري) پنهنجو حق ڄمائڻ ٿي چاهيو. اِن بحران دوران ڳالهين منجهان ڪو فائدو نہ ڏسي، ارجنٽائين 14،000 فوجين جي طاقت سان اوچتو فاڪ لئنڊ ٻيٽن تي قبضو ڪيو. برطانيا، بين الاقوامي سطح تي ڪوششون وٺڻ سان گڏ جوابي فوجي طاقت ڪتب آڻيندي، ارجنٽائين کان جون 1982ع ۾ قبضو واپس ڇڏائي ورتو. اِن هار سبب ارجنٽائين جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهتو. مبصرن جو چوڻ آهي تہ ٻنهي ڌُرين جي طاقت کي نظر ۾ رکندي، ارجنٽائين کي ھاڃو کائڻ کان سواءِ ڪو چارو نہ هُو ۽ ان صورتحال جو ٽرڻ اڻ ٿيڻ جوڳو (ناممڪن) هُئو.[1]

حوالا[سنواريو]