اگني ديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رگ ويد ۾ سنڌو دريا جو گهڻا ئي دفعا ذڪر ملي ٿو. سنڌونديءَ کي اگني ديوي جو روپ ڏئي ان جي پوجا ڪرڻ لاءِ چيو ويو. رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي شان ۾ ڪيترائي اشلوڪ لکيل آهن، جڏهن ته گنگا جو رگ ويد ۾ ڪٿي به ذڪر نٿو ملي، ڇاڪاڻ جو آريا اڃا سنڌ تائين محدود هئا، هنن گنگا جمنا جا علائقا اڃا فتح نه ڪيا هئا. رگ ويد ۾ سنڌ بابت هن ريت لکيل آهي ” سنڌ گهوڙن سان مالا مال آهي، سنڌ رٿن سان مالا مال آهي، خوبصورت زيورن سان مالا مال آهي، سنڌ اناج، پشم، شيشم جي وڻن سان ڀريل سدا سبز آهي. شڀ نديءَ جي ڪناري تي ماکي پيدا ڪندڙ گل جرڪن ٿا. [1][2][3]

  1. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو :حصو پهريون
  2. سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو
  3. روزآني عوامي آواز