اگادير گهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اگادير گهوٽالو يا اگادير ڪرائسز (Agadir Crisis) اصل ۾ آگادير مراڪش جو هڪ سامونڊي هنڌ آهي. اتر آفريقا جي هن اهم بندرگاهه تي جولاءِ 1911ع ۾ جرمنيءَ پنهنجو جنگي ٻيڙو ”پينٿر“ موڪليو، جنهن جي فرانس سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته فرانس مراڪش کي پنهنجي بيٺڪ پئي سمجهيو. نيٺ ڳالهين ذريعي 4 نومبر 1911ع تي مسئلو سلجهائي حل ڪيو. جنهن مطابق فرانس کي حق ڏنو ويو، ته اُهو مراڪش کي پنهنجي وسيع سلطنت جو زيردست علائقو (Protectorate) قرار ڏئي. جرمنيءَ طرفان کنيل انهيءَ قدم جو مقصد فرانس مٿان دٻاءُ وجهڻ هو، ته جيئن اهو يورپي سياست ۾ کيس ڪجهه رعايتون ڏئي. اِن گهوٽالي ۾ برطانيا به فرانس جو ساٿ ڏنو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد