اڪسير الاحمر في اسرار الجعفر
ڏيک
هيءُ ڪتاب محمد عثمان نورنگ زادي جو لکيل آهي. رايل سائيز واري هن ڪتاب ۾ 92 صفحا آهن ۽ قيمت 4 -آنا- ڄاڻايل آهي. منشي پوڪرداس هيءُ ڪتاب مفيد عام پريس، لاهور مان سال 1917ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو حصو 108 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت به 4 آنا آهي. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، خورشيد عالم پريس، لاهور مان سال 1917ع ۾ ڇپيو.[1]
اڪسير الاحمر في اسرار الجفر (ٽي حصا گڏ) (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب محمد عثمان نورنگزادي جو لکيل آهي. رايل سائيز واري هن ڪتاب ۾ 320 صفحا آهن، -جن- جي قيمت 10 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، منشي پوڪرداس، محمدي پريس، لاهور مان سال 1914ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، مولوي محمد عظيم تاجر ڪتب شڪارپور، خورشيد عالم پريس، لاهور مان ڇپايو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اڪسير الاحمر في اسرار الجفر: (سنڌيانا), اصل نسخو مان 2025-11-26 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-29 تي حاصل ڪيل
- ↑ الاحمر في اسرار الجفر (ٽي حصا گڏ): (سنڌيانا)[مئل ڳنڍڻو]