اڪبر سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ نثر نگار -اڪبر سومرو- ولد عبدالڪريم سومرو، 25 -جنوري- 1959ع تي، ٽنڊي الهيار، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. ايم. -ايس- سي (ايگريڪلچر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. نئشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ ۾ 1985ع ۾ ملازم ٿيو ۽ هن کاتي ۾ گذريل ٻن سالن کان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اڪبر سومرو، ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪجهه شعر به لکيا اٿس. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ’ڊائريءَ جا پنا‘ (1981ع)، ’من جي هن -پار-‘ (1984ع_ ڪهاڻيون)، ’چهرا چهرا شهر‘ (1991ع_ خط)، ’ڪيسوڦل‘ (1992ع_ ڊائري) ۽ ’شهر جي ڳالهه‘ (1998ع_ ناول) شامل آهن. هن وقت مين قاسم -آباد- حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]