اڪال ڳڙھ، ھرياڻہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪال ڳڙھ سنڌو تهذيب جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ هيءُ ماڳ 29° 07\' 17\" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 27\' 32.4\" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، هندستان جي صوبي هريانہ جي ضلعي جند ۾ جولانا شهر کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر ۽ جند شهر کان 29 ڪلوميٽر پري کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. ڳوٺ کان 200 ميٽر اتر طرف هي دڙو ٻن هيڪٽرن (4.94 ايڪڙن) تي پکڙيل آهي. هيءُ دڙو بيضوي شڪل جو، گهڻي ڀاڱي پوکيءَ هيٺ اچي چڪو آهي. صرف 1.67 هيڪٽرن (4.13 ايڪڙن) تي باقيات موجود آهي. هتان سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر جو ٺڪراٺو، مڻيا، سپن مان ٺهيل چوڙين جا ٽڪر مليا آهن. هيءُ دڙو 0.5 ميٽر اوچو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]