اکا
درياهه يا سمنڊ جي پوڄا -پاٺ- ڪرڻ وقت يا ڪا -باس- -باسڻ- وقت اڻ ڇڙيل چانورن جا داڻا يا ڪو ٻيو اَنُ، کنڊ ۾ مِلائي (خاص طرح) هندو عورتون ٿالهيءَ ۾ ڳوهيل -اٽو-، ٻرندڙ ڏيئا، ناريل ۽ گل ڦل، پاڻيءَ ۾ اڇلائينديون آهن، -ان- کي ”-اکا-“ وجهڻ چئبو آهي. اکن ۾ ڪُٽِي ۽ ڏونگهيون، ٻاريل ڏيئا، ايلاچيون ۽ لونگ به وجهبا آهن. جيتوڻيڪ هيءَ پاڻيءَ جي پوڄا جي قديم رسم آهي، پر درياهه يا سمنڊ جي ڪپ تي رهندڙ مسلمان به هن رسم جا پابند آهن، ڇو ته انهيءَ کي ثقافتي حيثيت حاصل آهي. اَکا ڏيڻ مان مراد آهي ورَ يا وارث جي سلامتي. ناکئن يا ميربحرن جي درياهه يا سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ وقت انهن جون زالون، درياهه يا سمنڊ کي -اکا- ڏئي، پنهنجن وارثن جي خير سلامتيءَ سان واپسيءَ جي دعا گهرنديون آهن ۽ انهن جي خير سان واپس اچڻ تائين هر چنڊ جي چوڏهينءَ تي -اکا- ڏينديون رهنديون آهن. اکا ڏيڻ ۽ باسون باسڻ: مسافريءَ تي ويل وَرَ جو اوسيئڙو ڪرڻ عورت ذات جو فطري گڻ آهي. سنڌ جي سماجي -تاريخ- ڪيترن ئي ڀرم ۽ ڀروسن (وِسوِسَن) سان ڀري پئي آهي. -اسلام- جي اچڻ سان، سنڌي سماج ۾ رب تي -توڪل- ۽ خداءِ ذوالجلال جي رحمت ۾ يقين جو تصور پيدا ٿيو، مگر هزارن سالن کان ماڻهن جي ثقافتي -تاريخ- سان لاڳاپيل رسمون رواج ۽ عمل سندن نفسيات جو حصو هئڻ ڪَري مروج رهندا اچن -ان- ڪري اڻ ڏٺي جو خوف ۽ -ان- جي پوڄا ڪرڻ هتان جي ماڻهن ۾ عين فطري ڳالهه هئي. وڻجارن جي نارين پنهنجن ڪانڌن لاءِ اُڪير، محبت ۽ پيار جي جذبي جي خاطر، پنهنجي ور ۽ وارث جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ هر قسم جي صدقي ۽ باسن -باسڻ- جي رسم ادا پئي ڪئي آهي.[1]