اڙيائي لپي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڙيائي لپي
قسم
ٻوليون اوڊيا، سنسڪرت
زمانو
c. 1060–موجوده
مادري نظام
لکت پاسو کاٻي کان ساڄو
آئي ايس او 15924 Orya, 327چار اکرن وارا آئي ايس او 15924 رسم الخط
يونيڪوڊ عرفيت
Oriya
U+0B00–U+0B7F
[ا] برهمي لکت جو سامي لکت مان هجڻ بابت متفق رايا موجود ناهن.

اڙيائي لپي، اوڊيا يا اوريا اسڪرپٽ (انگريزي: Oriya Script) هيءَ پدي حرفي نموني جي لکت آهي، جنهن ۾ وينجنن کي سڀاويڪ حرف علت / لاڪنو ”اَ“ گڏيل هوندو آهي ۽ ٻيا لاڪنا مختلف اعرابون ڏئي ظاهر ڪيا ويندا آهن. حرف علت/ لاڪنا (vowels) الڳ اکري صورت ۾ ٿين، هيءَ لپي اصل ۾ برهمي خط مان نڪتل آهي. جنهن جي پهرين صورت بنگالي آهي. ان مان اوريائي لپي به نڪتي آهي. بنگالي ٻولي ڏکڻ ايشيا جي اتر وارين ٻولين جي سٿ مان آهي. هن لکت جا اکر (Characeters) خاص نموني جا آهن. هيءَ لکت گهڻو وقت کجيءَ جي وڻ جي پنن تي لکي وئي هئي، جنهنڪري اکر گول ۽ سوڙها ٿي ويا آهن.

هن لپيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

1- برهمي لکت، جيڪا گهڻو ڪري کجيءَ ۽ ناريل جي پنن تي لکي ويندي هئي.

2- ڪراني: هي لکت جو نمونو اڄڪلهه رواج هيٺ آهي.

3- گنجامي يا مدراسي: هن لکت جي نموني ۾ اکر وڌيڪ گولائيءَ ڏانهن مائل آهن. هي نمونو تيلگو لپيءَ کان گهڻو متاثر آهي.

هيءَ لپي دراوڙي ديس اوڙيسا يا اوڏر ديس ۾ لکي وڃي ٿي. هن لکت جا نشان 12 صدي عيسويءَ کان ملن ٿا ۽ اڄ تائين لکي وڃي ٿي. هن لپيءَ ۾ وينجنن جو تعداد 46 آهي، جڏهن ته حرف علت/ لاڪنا (Vowels) 10 عدد آهن.[1] لپيءَ جو نمونو هي آهي:

حوالا[سنواريو]