اڙل منڇر واھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڙل منڇر واھ جي گنجائش 4370 ڪيوسڪ آهي. اڙل دراصل منڇر ۽ سنڌوءَ کي ڳنڍيندڙ گاٽ آهي. هن جي وهڪري جو دارومدار سنڌوءَ ۽ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح تي آهي. جڏهن درياھ ۾ 80 هزار ڪيوسڪ وهڪرو هوندو آهي تہ ايترو پاڻي اچي ويندو آهي، جو درياھ مان اڙل وسيلي پاڻي منڇر ۾ ايندو آهي، پر جيڪڏهن منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃي تہ منڇر مان اڙل وسيلي پاڻي درياھ ۾ بہ اماڻي سگهبو آهي. اڙل ندي، سنڌوءَ ۽ منڇر جيتري قديم آهي. لٽجي ويل اڙل کي 1959ع ۾ جي. ايم. ڪيزل (J.M.Casel) ٻيھر واھ جي صورت ۾ کوٽايو.[1]

حوالا[سنواريو]