اڍو ڪيھر ۽ ھوٿل پري
روايتن ۾ آهي ته سنڌ جي لوڪ عشقيه داستان جا ڪردار. ڄام مناهين کي ٽي پٽ ٿيا، -جن- مان ننڍو پٽ اُڍو نهايت سهڻو هو. وڏي -ڀاءُ- هوٿيءَ جي زال اُڍي جي سونهن تي عاشق ٿي هئي. اڍو شاديءَ جي ڏينهن تي ڪپڙا -پائي- تيار ٿيو، تڏهن سندس ڀاڄائي ميڻاوتي پاڻ جهلي نه سگهي، پر اُڍي سندس خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن پنهنجي مڙس کي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي، اُڍي کي ملڪ نيڪالي ڏياريائين. اُڍو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ ۾ روانو ٿي ويو. -ان- وقت ۾ ”سانگڻ نڱامرا“ نالي هڪ سردار جي ڌيءَ هوٿل به مرداني ويس ۾ پنهنجي پيءُ جو وير وٺڻ لاءِ پئي ويئي. ملاقات ۾ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪندي قول قرار ڪيائون ته جيڪي به هٿ لڳو، تنهن جا هڪ جيترا حصا ڪبا. پوءِ اڳتي روانا ٿيا. بانڀڻاه جي ٻاهران کين ڏاچين جو وڳ نظر آيو. هو ڏاچيون ڪاهي روانا ٿيا ۽ پنهنجي حد ۾ پهچي مال جي ورهاست ڪيائون. هوٿل پنهنجي حصي وارو مال به اُڍي کي دوستيءَ ۾ ڏيئي رواني ٿي. هوٿل جي وڃڻ کان پوءِ اُڍي کي به هن کان سواءِ آرام نه آيو، سو هوٿل پٺيان روانو ٿيو. آخر ’چڪاسر‘ جي -تلاءُ- تي اچي پهتو ۽ اتي هوٿل جو گهوڙو ڏسڻ ۾ آيس. -تلاءُ- جي ڪپ تي چڙهي ڏٺائين ته -ان- ۾ هڪڙي نوجوان ۽ خوبصورت وينگس وهنجندي نظر آيس، جنهن جا ڊگها وار پاڻيءَ مٿان پکڙيل پيا هئا. اُتي اڍي جي گهوڙيءَ کي ڏسي هوٿل جي گهوڙي وٺي هڻڪارون ڪيون، تنهن تي هوٿل جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ اُڍي کي بيٺل ڏٺائين. ان کان پوءِ ڄام اُڍو ۽ هوٿل اُتان گڏجي روانا ٿيا ۽ ’سَئي ڳوٺ‘ کان هڪ ميل پري ”هوٿل پرا“ نالي ڏونگر ۾ هوٿل جي غفا ۾ آيا ۽ اتي ٻنهي ڄڻن شادي ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ کين ”جکرو“ پٽ ڄائو. هاڻي اُڍي کي پنهنجي وطن جي اُڪير ٿي. هوٿل چيس ته جيڪڏهن ڪنهن کي به مون بابت ٻڌايئي ته پوءِ آءُ هلي وينديس. انهيءَ شرط سان ٻارن سميت ڪڇ ۾ آيا. ڄام اُڍي جي اچڻ سان خوشيون ٿي ويون. هڪڙي ڏينهن دوستن ۽ مٽن مائٽن کيس شراب جي نشي ۾ مست ڪيو ۽ هن هوٿل بابت سربستي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي. اها خبر جڏهن هوٿل کي پيئي، تڏهن پنهنجي ٻانهيءَ کي چار خط ڏئي اتان هلي ويئي. انهن خطن ۾ لکيل هو ته جڏهن اولاد وڏو ٿيندو، تڏهن کين لانئون ڏيڻ اينديس. اُڍي تمام گهڻي ڳولا ڪئي، پر هوٿل هٿ نه آيس. نيٺ پٽن جي شاديءَ جو خيال ڪري ڏينهن مقرر ڪيائين. شاديءَ واري ڏينهن هوٿل واعدي موجب پنهنجن پٽن کي لانئون ڏيڻ لاءِ آئي. لانئون ڏياري نُنهن کي چيائين: ”گهرو جيڪي گهرڻو اٿو!“ ڄام اُڍي ڪُنوارن کي سمجهائي ڇڏيو هو، -تن- وچن گهريو. هوٿل جي وچن ڏيارڻ کان پوءِ ڪنوارن کيس چيو ته ”هاڻي هميشه لاءِ هتي ئي رهي پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪر!“ -ان- ڏينهن کان وٺي هوٿل اُتي رهڻ لڳي. اهڙيءَ طرح اُڍي جو اجڙيل گهر وري -آباد- ٿيو. هيءُ داستان موجوده -ٺٽي- ضلعي جي سامونڊي ساحل يا کاري جي تاريخي پرڳڻي ”ڪڪرالي“ سان تعلق رکي ٿو، ۽ ڪڪرالي جي ڪيهر ڄامن جي ابتدائي اوج جو يادگار آهي. موجوده محال ڪيٽي -بندر- ۾ ’اوچتي‘ درياهه کان -اوڀر- طرف وارو ڀاڱو، موجوده شاهبندر -تعلقو-، موجوده جاتي تعلقي جو ڏاکڻيون ڀاڱو، ڪڪرالي ۾ شامل هئا، -جتي- آڳاٽي وقت کان وٺي سمن جي طاقتور قبيلي ڪيهرن جي سرداري هئي. ڪڪرالي جي ڪيهر ڄامن بابت -ٺٽي- ضلعي ۾ عام خاص ۾ اڃا تائين ڳالهيون ۽ حڪايتون هلندڙ آهن. يارهين ۽ ٻارهين صدي هجريءَ (17 ۽ 18 صدي عيسويءَ) واري دور ۾ ڪڪرالي جي ڄامن بابت سنڌ جي تاريخن ۾ پڻ حوالا آهن. ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري ڪڪرالي جو حاڪم ڄام جراڙ هو. -ان- کان پوءِ ڄام ڏهيسر ٿيو، جو غالباً ڪافي طاقت ۽ همت وارو هو، ۽ -ٺٽي- ۾ ترخانن جي گاديءَ جو دعويدار مرزا جان بابا وٽس مدد وٺڻ لاءِ آيو هو.[1]