اڇو ويسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڇو ويسر

دنيا ۾ هن مهل تائين پيدا ٿيل ڪنهن به جانور کان وڏي ۾ وڏو جاندار اڇو ويسر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾Blue Whale چئجي ٿو. ان جو سائنسي نالو Balaenoptera muscules آهي، اڇي ويسر جي ڊيگهه 33 ميٽرن (110 فٽ) کان مٿي ۽ وڌ ۾ وڌ وزرن 190 ٽن رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پر هن جي سراسري ماپ ڪافي گهٽ آهي. هن ويسر جون ٽي ضمني جنسون آهن. جن مان Badenoptera brevicauda يعني ننڍو اڇو ويسر به ڏاکڻي اڌ گول جي استوائي پاڻين ۾ رهي ٿو. اڇو ويسر ڏسڻ ۾ Sei ويسر جهڙو آهي، ان ڪري عام مهاڻا به فرق نه ڪري سگهندا آهن. اڇو ويسر اونهي پاڻيءَ ۾ رهي ٿو پر اونهين ڪنڌين تائين به اچي سگهي ٿو. ان جو تعداد هن وقت دنيا ۾ 10 کان 15 هزار آهي ۽ ان کي خطري واري لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. هي ويسر سرمائي نيرو ٿئي ٿو. جنهن تي هلڪي رنگ جا هلڪا داڳ هوندا آهن. ڄاڙيءَ کان ڳچي ۽ سيني تائين هلڪو سرمائي ٿئي ٿو. ان حصي تي ڳچيءَ وارا گهنج 55 کان 88 هوندا اٿس. ڪاپار ۾ وڌيون ناسون، ڊگهو نوڪدار ۽ شاهي وات، واڇن جي آخري ڇيڙي لڳ ننڍيون ڊگهڙيون اکيون ٿينس ٿيون. ڦنگن جي ڊيگهه عام طور جسم جي ستين حصي برابر ٿئي ٿي. پٺيءَ جي پوئين حصي ۾ ننڍڙو نالي ماتر ڦنگ ٿئي ٿو. پوڇڙ ٿلهڙي ۽ پڇ وڏو ويڪرو ۽ ٻه ڦاڪو هوندو اٿس. ٻنهي ڦاڪن جي جوڙ وٽ هلڪڙي کڏ ٿئيس ٿي. اڇي ويسر جو ٻچو ست ميٽر (23 فٽ) ٿئي ٿو، جنهن جو وزن 2.5 ٽن هوندو آهي. هي ويسر عام طور اڪيلو، جوڙيءَ ۾ پنجن ڇهن جي ٽوليءَ ۾ يا وري ڪڏهن غذائي علائقن ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ڏسبو آهي. ويسر سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو. لڏ پلاڻ به ڪندو آهي پر هندي وڏي سمنڊ جي اترئين حصي ۾ (عربي سمنڊ سميت) سڄو سال به ٿي سگهي ٿو.

اڇو ويسر پاڻيءَ کان هيٺ پنجن کان 20 منٽ رهندو آهي. (وڌيڪ به رهي سگهي ٿو) ۽ پوءِ ساهه خارج ڪرڻ لاءِ سطح تي اڀرندو آهي ۽ ٻن کان ڇهه منٽ هر 10 کان 20 سيڪنڊن تائين تقريبن 20 کان 40 فٽ اوچو ڦوهارو ڇڏيندو آهي. ويسر 150 ميٽر (500 کن فٽ) تائين ٽٻي ڏئي ٿو پر ان کان به وڌيڪ وڃي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان جو پيڇو ڪجي ته ان جي رفتار 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿي، نه ته عام طور تمام گهٽ آهي. ويسر عام طور شام جو يا صبح سوير شڪار لاءِ نڪرندو آهي. ننڍا ويسر پاڻيءَ جي سطح تي ٻاهر نڪري، جسم کڻي 45 درجن جي زاويي سان پاڻ کي پاڻيءَ تي ڇڏيندا آهن، اها شايد وندر اٿن .[1][2]

حوالا[سنواريو]