مواد ڏانھن هلو

اڇو جبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اڇي جبل جو پري کان ڏيک
اڇي جبل جو پري کان ڏيک

اڇو جبل، سفيد جبل جون قطارون، ھي جابلو قطارون خيبر لڪ (Khyber Pass) ۽ ڪرم لڪ جي وچ ۾ آھن، جن جو ڳپل حصو پاڪستان ۾ ۽ ڪجهہ حصو افغانستان ۾ آھي. ھن جبلن جي قطارن جو لاڙو اوڀر کان اولھ طرف آهي، جن جي سراسري بلندي 3600 ميٽر آهي. ھن جبلن جون چوٽيون سال ۾ ٻارنھن مھينا برف سان ڍڪيل رھن ٿيون. ھن جبل جي ڏکڻ ۾ ڪرم ندي وھي ٿي. خيبر لڪ پڻ اڇي جبل ۾ واقع آهي ۽ پاڪستان کي افغانستان سان ڳنڍي ٿو.