اڀ ۾ تارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سج لهي وڃڻ کان پوءِ ٽمڪندڙ تارا، ڪي ننڍا ڪي وڏا، ڪي هڪ ٻي جي ويجهو، ته ڪي هڪ ٻي کان پري، سياري ۾ هڪ نموني جا، ته اونهاري ۾ ٻي نموني جا، مقرر وقت موجب پنهنجون جايون بدلائيندڙ تارا اُڀ يا آسمان جي ويڪري سيني تي پکڙيل نظر ايندا آهن ۽ ڏينهن ٿيندي گم پئي ٿيا. اُڀ ۾ تارا رڳو رات جو ئي هوندا آهن ۽ ڏينهن جو نه هوندا آهن؟ اها خبر اڳوڻي اڻڄاڻ انسان کي ڪا نه هئي. توڻي جو اڀ ۾ تارا ڏينهن جو به هوندا آهن، پر سج جي تيز روشنيءَ سبب اهي نظر نه ايندا آهن.

آڳاڻي انسان ڏٺو پئي ته تارا سنوت سان اُڀ ۾ موجود آهن، تنهنڪري انهن اهو ئي سمجهيو ته اهي اُڀ ۾ کتل آهن. جيڪڏهن کُتل آهن ته پوءِ اهي هڪ خاص واٽ تي هلندا ڇو ٿا رهن، اها ڳالهه کين سمجهه ۾ نه پئي آهي، تنهنڪري تارن بابت ٻٽو تصور ٺهيو ته اهي اڀ ۾ کتل به آهن ۽ هلندا به رهن ٿا.

آڳاڻي انسان وٽ جيڪڏهن اڄ جهڙا جديد سائنسي وسيلا هجن ها ته اهي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺن ها ته اهي روشن ٽمڪندڙ تارا، هڪ ٻي کان ڪروڙين، اربين، کربين، پدمين ميلن جي فاصلي تي، ڪي هيٺ (اوري)، ڪي مٿي (پري)، اڻکٽ ڳڻپ ۾ پکڙيل آهن. ڪيترائي وڏا تارا پري هجڻ سبب ننڍا ۽ ڪيترا ئي انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍا تارا ويجهو هئڻ سبب وڏا نظر اچن ٿا ۽ پدمن جي ڳڻپ ۾ اهڙا به آهن، جيڪي کين عام ديد سان نظر نه پئي آيا، تڏهن شايد اهي حقيقت تائين پهچي وڃن ها.

عيسوي سن جي شروعات کان چار سَو سال کن اڳ يونان ۾ اهڙا ڏاها به پيدا ٿيا جن سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ ۽ آسمان تي غور فڪر ڪيو. ڪي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سج ديوتا ناهي، پر باهه جو گولو آهي، ڪي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته چنڊ ۾ ڪا به آئٽ ڪتڻ واري ناني ڪانهي، جنهن جي اڏايل ڪاتَ ڌاڳي ۽ پوڻين سبب ڪڪر ٺهن ٿا، ۽ ڪي ان نتيجي تي پهتا ته ڏينهن رات جو ڦيرو سج جي لهڻ چڙهڻ سبب نه پر ڌرتيءَ جي پنهنجي مرڪز چوڌاري لاٽونئڙي ڦيري سبب آهي. پر انهن سوچن کي هوري هوري وڌندي ۽ پراڻين جاهل ڏند ڪٿائي سوچن سان مقابلو ڪندي، سچو ثابت ٿيڻ ۾، سوين سال لڳي ويا. عمر خيام به پاڻ ملهايو پر گوءِ گيارنو برونو ۽ گليلو گليلي کٽي ويا. برونو کي ساڙيو ويو ۽ گليلو کي گهر-بند ڪيو ويو، جتي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ اڀياس ڪندي ۽ لکندي اکين کان ويهجي ويو. بهرحال، اڄ اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڌرتيءَ جي لاٽونئڙي ڦيري سبب ڏينهن رات ۽ سج چوڌاري ڦيري سبب سيارو ۽ اونهارو ٿئي ٿو. سج اُڀري ۽ لهي ڪو نه ٿو، پر ڌرتيءَ جو جيڪو پاسو جيئن جيئن سج سامهون ايندو وڃي ٿو، اتي تيئن تيئن صبح، منجهند ۽ شام ٿئي ٿي ۽ جڏهن اهو پاسو سج آڏو ڦري اوجهڙجي وڃي ٿو ته رات ٿئي ٿي. [1] [2]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-12 
  2. ريفرينس بُڪ: شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو