اَنبِڙِي
ڏيک
انب جو وڻ ميوي کان پهرين ٻُور جھليندو آهي جنهن مان ننڍڙو ميوو ٺهندو آهي انکي انبڙي چئبو آهي. انبڙيون وڏيون ٿي انبن جي شڪل وٺنديون آهن. انبڙيون کائڻ ۾ کٽيون ٿينديون آهن. انبڙين جي چٽڻي ۽ آچار مزيدار ٿيندو آهي. سنڌي ماڻهو انبڙيون ڇلي سُڪائي، ٻوڙ رڌڻ ۾ کٽاڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. انب جو ڪچو ڦر (جيڪو سائو ۽ کٽو ٿئي). انبڙين جو -آچار- وجهندا آهن ۽ چٽڻي ۽ مربو ٺاهيندا آهن.[1]