اي سنڌ ڄائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ مختلف اديبن، صحآفين، سياستڪارن ۽ ڪارڪنن جا لکيل ڪالم، مضمون، تاثر ۽ شعر گڏ ڪري ”-اي سنڌ ڄائي-“ جي نالي سان ذوالفقار هاليپوٽي جو ترتيب ڏنل هي ڪتاب، ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ -ان- جي قيمت 150 رپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ناز سنائيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جامي چانڊيي، نثار کوکر، سيد ظفر علي شاهه، -اقبال ملاح-، ڄام ساقي، ممتاز -بخاري-، حميرا علواڻي، مرتضيٰ سيال، رئوف نظاماڻِ، زاهد ميراڻي، ستار سروهي، ناياب سرڪش سنڌيءَ ۽ ٻين جا ڪالم، مضمون، تاثر ۽ سيف ٻنوي، عزيز گوپانگ ۽ فياض چنڊ ڪليري وغيره جا شعر ڏنل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]