مواد ڏانھن هلو

اي. ايم. قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيءَ جو مسلم ليگي رهنما. 1917ع ۾ ڪاٺياواڙ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. 12 سالن جي عمر ۾ محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪيائين. 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪم شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس ڪاروبار -ترقي- ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن لڏي آيل بي يار و مددگار ماڻهن جي ڀرپور مدد ۽ خدمت ڪئي. هن اسلاميه سائنس ڪاليج، اسلاميه لا ڪاليج ۽ اسلاميه ڪامرس ڪاليج الڳ الڳ قائم ڪيا. سندس تعليمي خدمتن جي پيش نظر صدر -ايوب خان- کيس ”سرسيد ثاني“ چوندو هو. 1948ع ۾ ڪراچي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو. 1949ع ۾ -پاڪستان مسلم ليگ- جو خزانچي ۽ 1954ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ بورڊ جو ميمبر ٿيو. 1956ع ۾ ڪراچيءَ مان اولهه -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي قائم ڪيل اسلاميه ڪاليج ۾ دفن ٿيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]