ايڊيپس مونجھارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جين آگسٽي ڊومينيڪ جي 1805 ۾ ٺاھيل پينٽنگ جنھن ۾ اوڊيپس کي اسفنڪس جي ڳجهارت ٻڌائيندي ڏيکاريو ويو آهي.

ايڊي پس مونجهارو (Oedipus Complex)، هي اصطلاح، مشهور ماهر نفسيات سگمنڊ فرئڊ (1856-1939ع) جو ايجاد ڪيل آهي. فرائڊ هي اصطلاح مشهور يوناني ڊرامي ’King Oedipus‘ مان اخذ ڪيو هو. هن ڊرامي ۾ بادشاھ ايڊي پس بيخبريءَ ۾ پنهنجي والد کي قتل ڪيو هو ۽ ماءُ سان شادي ڪري ڇڏي هئي. هن اصطلاح موجب ماءُ جو تحت الشعور ۾ پٽ ڏانهن لڳاءُ هوندو آهي. ان ضد ۾ پٽ ۽ پيءُ جي وچ ۾ رقابت پيدا ٿيندي آهي. اهو ذهني مونجهارو اڳتي هلي ٻين عورتن ۾ ماءُ جو عڪس ڳولڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي [1]

پينٽنگ ۾ ڏيکاريل اوڊيپس ۽ اسفنيڪس " by: Gustave Moreau (1864)

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.