ايڊورڊ ٽيون
ايڊورڊ ٽيون | |
---|---|
ويسٽ منسٽر ايبي ۾ رکيل ايڊورڊ ٽئين جو ڪانسي جو پتلو | |
انگلينڊ جو بادشاھ (more...) | |
25 جنوري 1327 & nbsp;– 21 جون1377 | |
پيشرو | ايڊورڊ ٻيون (انگلينڊ) |
جانشين | رچرڊ ٻيون (انگلينڊ) |
ريجنٽ | اسابيلا ۽ راجر مارٽيمر(1327–1330) |
جيون ساٿي | فلپا |
نسل | |
گهراڻو | پلانٽاجينيٽ |
پيءُ | ايڊورڊ ٻيون (انگلينڊ) |
ماءُ | اسابيلا (فرانس) |
جنم | 13 نومبر 1312 ونڊسر ڪاسل، برڪ شائر |
لاڏاڻو | 21 جون
1377 (عمر 64) شين محل, رچمنڊ |
تدفين | 5 جولاءِ
1377 ويسٽ منسٽر ايبي، لنڊن |
ايڊورڊ ٽيون(انگريزي: Edward III) 1327 کان 1377 تائين انگلينڊ جو بادشاھ ۽ آئرلينڊ جو لارڊ ھيو. ھن پنھنجي والد جي وڃايل شاھي طاقت بحال ڪئي ۽ انگلينڊ کي يورپ جي وڏي فوجي طاقت بڻايائين. انگلينڊ جي پارليامينٽ جي ارتقا ھن جي پنجاھ سالہ دؤر ۾ ٿي. ھي 14 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ڇوتہ ھن جي ماء اسابيلا (فرانس) ۽ ان جي چاھيندڙ راجر مارٽيمر ھن جي پيء کي بادشاھيءَ تان معزول ڪيو ھيو. انگلينڊ جي بادشاهي حقيقت م راجر مارٽيمر جي ھٿ ۾ ھئي. 17 سالن جي عمر ۾ ھن راجر مارٽيمر جي خلاف ھڪ ڪامياب ڪوديتا (فوجي بغاوت) ڪئي جنھن بعد انگلينڊ تي ھن جي حاڪميت جو آغاز ٿيو. اسڪاٽلينڊ فتح ڪرڻ کان پوء 1337 ۾ فرانس جي تخت جي حقيقي وارث ھجڻ جي دعوا ڪئي جنھن سان فرانس ۽ انگلينڊ وچ ۾ سؤ سالا جنگ جي شروعات ٿي.[1] ڪجهه شروعاتي ناڪامين بعد ھي جنگ انگلينڊ جي فائدي ۾ وئي.ڪريسي واري جنگ (Battle of Crécy) ۽ پوئٽيئي واري جنگ (Battle of Poitiers) ۾ انگلينڊ جي ڪاميابي سان انگلينڊ جي فائدي وارو بريٽنگني وارو معاھدو عمل ۾ آيو جنھن تحت انگلينڊ کي علائقا مليا جن جي بدلي ايڊورڊ فرانس جي تخت جي دعويداري ترڪ ڪئي. جنگن جي ھن مرحلي کي ايڊورڊ واريون جنگون سڏيو ويندو آهي. ان بعد ھن اندروني ۽ بيروني معاملن ۾ الجھيل رھيو.
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Edward first styled himself "King of France" in 1337, though he did not assume the title until 1340; Prestwich (2005), pp. 307–8.