ايڇ. اي. جي. ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ایچ اي جي ریسرچ انسٹیٹیوٹ آف ڪیمسٽري ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل علم ڪيميا جو وڏو تحقيقي ادارو. هن اداري جي رٿا حڪومت پاڪستان 1976ع ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک روپين جي لاڳت سان منظور ڪئي هئي، جنهن ۾ جرمنيءَ جي حڪومت طرفان 88 لک رپين جي برابر، پرڏيهي ناڻو عطيي طور شامل هو. جرمنيءَ جو اهو عطيو پروفيسر وولٽيئر جي ذاتي ڪوششن جو نتيجو هو. ڪراچيءَ جي صنعتڪار لطيف ابراهيم جمال پنجاهه لک روپين جو عطيو ڏنو هو. اهو عطيو ان وقت، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو عطيو هو، تنهنڪري اداري جو نالو سندس وڏي ڀاءُ حسين ابراهيم جمال جي نالي تي رکيو ويو.

ادارو پنهنجي نئينءَ عمارت ۾ 1978ع ۾ منتقل ٿيو. اداري جي ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ڊاڪٽر سليم الزمان صديقيءَ، ڊاڪٽر وقارالدين احمد، ڊاڪٽر ظفر ايچ زيديءَ ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جي غيرمعمولي ۽ مخلص ڪوششن سان ڪيميائي تحقيق جي هن اداري عالمگير شهرت حاصل ڪئي، ته برطانيا، جاپان، جرمنيءَ ۽ ٻين ملڪن کان به وڏا عطيا ملڻ لڳا. هن وقت هيءُ ادارو ڪيميائي تحقيق جي شعبي ۾ ٽين دنيا ۾ سڀ کان وڏو ادارو آهي. هن اداري جي اهتمام هيٺ ڪيترائي مذاڪرہ ۽ ڪانفرنسون ٿيون آهن، جن ۾ نوبل انعام يافته ممتاز ڪيميادانن به شرڪت ڪئي آهي. ان کان سواءِ هتي دنيا جي ٻين ملڪن جي سائنسدانن سان گڏجي، گڏيل تحقيقي منصوبن تي به ڪم ٿيندو رهيو آهي، جنهن جا نتيجا پوريءَ دنيا جي فائدي لاءِ مستند ۽ معياري سائنسي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]