ايڇ. اي. ايم. جيمس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسٽر ايڇ. اي. ايم. جيمس، 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هن کي سنڌ جي ماحول ۽ معاشري جو خاص تجربو هو، ڇو ته هو تقريباً چار سال ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي سنڌ ۾ رهي چڪو هو ۽ 1872ع ۾ سنڌ جي نائب ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هئائين. هن جي دؤر ۾ ٽالپرن جي خاندان لاءِ حڪومت جي طرفان پينشن ۽ وظيفو مقرر ٿيو. سندس ئي دؤر ۾ ڪراچيءَ کي ترقي ڏياري وئي. 1885ع ۾ جيمس پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿي بمبئيءَ هليو ويو. ايوانس جيمس کي 1896ع ۾ ٻيهر سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن دفعي مسٽر جيمس حُرن کي سزائون ڏيڻ لاءِ نيون تدبيرون ڏنيون ۽ حرن تي تمام گهڻو ظلم ڪيو. هن جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ جانورن جي اسپتال (Richmond Veterinary Hospital) تعمير ٿي. هيءَ اسپتال اڄ به ڪراچيءَ ۾ (بندر روڊ) تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي قديم عمارت جي ڀرسان واقع آهي. ايوانس جيمس ٻيهر 1898ع ۾ پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿيو.[1]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:Wikisource author

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
سانچو:S-gov
پيشرو
Arthur Charles Trevor
Commissioner in Sind
1891–1900
جانشين
Robert Giles


سانچو:India-hist-stub

سانچو:UK-diplomat-stub