ايوب گاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايوب گاد جو اصل نالو محمد ايوب گاد آهي، هيءُ سنڌ جو ناليوارو شاعر آهي. هن لاڙڪاڻي ۾ 1960ع ۾ جنم ورتو. هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊرائنگ جو استاد آهي. هي سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ مصور آهي. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”پيار جي ڇانو“ (1993) ۾ شايع ٿيل آهي. هن جا ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي جا لکيل ڊراما پڻ نشر ٿيا آهن. ڪيترائي ڊراما سندس ڊائريڪشن ۾ ڪي.ٽي.اين تي هليا آهن. ”مورتي“ عنوان سان سندس عورتن جي مسئلي تي ڊراما سيريز ڪافي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت هي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]