مواد ڏانھن هلو

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ اسڪول سکر شهر جو پهريون -انگريزي- اسڪول هو، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو. -ان- ۾ پهريائين چئن درجن تائين -تعليم- ڏيڻ شروع ڪئي وئي. بعد ۾ ملٽري کاتي جي هڪ بلڊنگ ۾ -ان- اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو، -جتي- ڇهن درجن تائين -تعليم- وڌائي وئي. 1911ع ڌاري -ان- اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. 1920ع ۾ اسڪول تي ”-تلڪ- هاءِ اسڪول“ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو، جنهن کي هاڻي ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر“ چيو ويندو آهي، جيڪو سکر ۾ منارا روڊ تي آهي. -ان- جي هڪ پاسي اوريئنٽل ڪاليج آهي ته ٻئي طرف -ٿورو- پرڀرو معصوم شاهه جو منارو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]