ايم اي قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائنسدان، تعليمي ماهر، محقق ۽ -استاد-، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، 25 جون 1929ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. اصل نصرپور جو رهاڪو هو. ابتدائي -تعليم- حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ انٽر، ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1955ع ۾ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين، جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ -استاد- مقرر ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري شعبي جو باني ڊائريڪٽر پڻ هو. -ان- شعبي کي پوءِ وڌائي انسٽيٽيوٽ بنايو ويو جنهن کي ڊاڪٽر ممتاز علي قاضيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. پڙهائڻ دوران پنهنجي -تعليم- کي -جاري- رکندي ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن مان ايل. ايل. بي، ايف. پي. اي. -ايس-، ايف. آءِ. اي. -ايس-، ايف، پي. سي. -ايس-، ايف. -آر-. سي. -ايس- ۽ ڊي. -ايس- سي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. سائنس ۽ ٻين موضوعن تي سندس ڪيترا تحقيقي مقالا شايع ٿيا، جڏهن ته 17 ڪتاب پڻ لکيا هئائين، -جن- مان ”اسلامي سوچ ۽ جديد سائنس“، ”اسلامي دنيا ۽ سائنس“ ۽ ”ڊڪشنري آف ٽيڪنيڪل ٽرمس“ مشهور آهن. -ان- کان سواءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جي نصاب ۾ سندس لکيل ڪتابن جا باب پڻ شامل هئا. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي تمام گهڻا مضمون ڇپجي چڪا اٿس. پاڻ 1972ع ۾ سنڌ جي -تعليم- کاتي جو سيڪريٽري، 1977ع ۾ اسلام آباد ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ -پاڪستان- ڪائونسل آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجيءَ جو چيئرمئن، 1977ع ۾ -تعليم- جو وفاقي سيڪريٽري، 1980ع ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ صدر -پاڪستان- جو صلاحڪار ۽ 1985ع ۾ وزيراعظم -پاڪستان- جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ صلاحڪار ٿيو. -ان- کان سواءِ ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهيو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ، لطيف يونيورسٽيءَ، يونيسڪو ۽ ٻين ادارن طرفان سونن تمغن سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر صاحب، -آمريڪا-، -برطانيا-، جاپان، -آسٽريليا-، سريلنڪا، ڪينيا، ملائيشيا، فرانس، رومانيه، سوئٽرزلئنڊ، -ترڪي-، -اردن-، ڪويت، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ منعقد ٿيل 72 ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو باني پڻ هو. سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي سهڪار هيٺ ڊاڪٽر صاحب، سالن تائين ”سائنس“ مخزن ڪڍندو رهيو. 26 -جنوري- 1988ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]