مواد ڏانھن هلو

ايم آر آءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميگنيٽڪ ريزننس اميجنگ
Magnetic resonance imaging
Medical diagnostics

مٿي جي تارون واري جوڙ جي ايم آر آء اسڪيننگ مان ڪڍيل ھڪ تصوير جنھن ۾ نرڙ مٿي جي پٺئين پاسي کان نظر ايندڙ.
ٻيا نالا نيوڪليئر ميگنيٽڪ ريزننس اميجنگ
ICD-9-CM 88.91
MeSH D008279
ميڊلن پلس 003335

ميگنيٽڪ ريزننس اميجنگ(انگريزي: magnetic resonance imaging) (MRI) , ريڊيالاجي ۾ استعمال ٿيندڙ ميڊيڪل اميجنگ جي ھڪ اھڙي طريقي جو نالو آهي جنھن سان جسم جي ايناٽامي ۽ جسم جي فزيولاجي واري مرحلي جون تصويرون ڪڍيون وينديون آهن. ان طريقي ۾ مقناطيسي فيلڊ ۽ ريڊيائي لھرن وسيلي جسم جي عضون جون تصويرون ڪڍيون وينديون آهن. ايم آر آء اسڪيننگ ۾ ايڪس ريز ۽ آئئن ساز شعاع ڪاري(ionizing radiation) جو استعمال نہ ٿيندو آهي ۽ ان ئي سبب جي ڪري اھا سي ٽي اسڪين ۽ پي اي ٽي اسڪين کان مختلف ھوندي آھي.اھو طريقو ائٽمي مقناطيسي ريزننس جو ھڪ استعمال آھي. ايم آر آء اسڪين جو بيمارين جي سڃاڻپ، ڪينسر جي بيماري جي مرحلي جي تعين ۽ آئئن ساز شعاع ڪاري (ionizing radiation) جي جسم تي پوڻ کان سواءِ بيماري جي وڌيڪ علاج خاطر اسپتالن ۾ استعمال ھاڻي وڏي پيماني تي ٿي رھيو آھي. ھن اسڪيننگ ۾ سي ٽي اسڪين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ اسڪيننگ مرحلي ۾ شور بہ ھوندو آھي. جيڪڏهن جسم اندر ڪو ميڊيڪل وارو ڌات جو ڪو پرزو پيل ھوندو آھي تہ ايم آر آء اسڪين مشڪل ٿي پوندي آهي. ھن اسڪيننگ جو پھرين نالو نيوڪليئر ميگنيٽڪ ريزننس اميجنگ (NMRI) ھيو پر پوء نيوڪليئر لفظ ڪڍيو ويو تہ جيئن نالي متعلق منفي اثر کي روڪي سگھجي.[1] ڪجهه ائٽم جڏھن کليل مقناطيسي اثر واري جاء ۾ رکبا آهن تہ انھن جا مرڪز ريڊيو فريڪوئنسي جي توانائي کي اندر کڻڻ ۽ ٻاھر ڪڍڻ جي صلاحيت شروع ڪندا آهن. اسپتالن جي ڪم ۾ ۽ تحقيق خاطر ايم آر آء اسڪين ۾ ھائيڊروجن جا ائٽم اڪثر ريڊيو فريڪوئنسي سگنل پيدا ڪرڻ لاء ڪتب ايندا آهن جيڪي چڪاسجندڙ جسم جي ويجھو اينٽينائن ذريعي حاصل ڪيا ويندا آهن. ھائيڊروجن جا ائٽم ماڻھن جي جسم ۾ ٻين جاندارن جي ڀيٽ ۾ ڪثرت سان ٿيندا آهن خاص طور تي جسم اندر پاڻياٺ ۽ چرٻي ۾. اھو ئي سبب آهي جو ايم آر آء جسم جي اندر پاڻياٺ ۽ چرٻي وارن ھنڌن کي نمايان ڏيکاري سگھندي آهي.

مريض جي مٿي ۽ پيٽ جي اڀياس لاءِ اسڪينر ۾ سمھاريو پيو وڃي .

مرض جي سڃاڻپ لاء ايم آر آء اسڪين جو ھاڻي استعمال وڏي پيماني تي ٿئي پيو . ھڪ ڪاٿي مطابق 2014 تائين دنيا ۾ ايم آر آء اسڪينرن جو تعداد 25000 ھيو.[2] [3]

ايم آر آء ذريعي مرڪزي تنتي سرشتي جي اڇي مادي جي ورتل ھڪ تصوير

دماغي ڪينسر جي لاء سي ٽي اسڪين جي ڀيٽ ۾ بھتر چونڊ آھي ڇوتہ اھا وڌيڪ بھتر تصويرون فراهم ڪري ٿي.[4][5][6] ان ۾ تصويرون ملي سيڪنڊن اندر نڪرن ٿيون جن جي مدد سان محققن کي دماغ جي جسامتي خرابين ۽ خلل جي موجودگي ۾ ان جي جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ بناوٽ جي اڀياس ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ کين خبر پوي ٿي تہ دماغ مختلف ھيجانن ۾ ڪيئن موٽ ڏئي ٿو .[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. McRobbie, Donald W.; Moore, Elizabeth A.; Graves, Martin J.; Prince, Martin R. (2007). MRI from Picture to Proton. Cambridge University Press. p. 1. ISBN 978-1-139-45719-4. 
  2. "Magnetic Resonance, a critical peer-reviewed introduction". European Magnetic Resonance Forum. حاصل ڪيل 17 November 2014. 
  3. "The diagnostic and therapeutic impact of MRI: an observational multi-centre study". Clinical Radiology 55 (11): 825–31. November 2000. doi:10.1053/crad.2000.0546. PMID 11069736. 
  4. American Society of Neuroradiology. "ACR-ASNR Practice Guideline for the Performance and Interpretation of Magnetic Resonance Imaging (MRI) of the Brain" (PDF). 
  5. Rowayda, A. Sadek (May 2012). "An improved MRI segmentation for atrophy assessment". International Journal of Computer Science Issues (IJCSI) 9 (3). 
  6. Rowayda, A. Sadek (February 2013). "Regional atrophy analysis of MRI for early detection of alzheimer's disease". International Journal of Signal Processing, Image Processing and Pattern Recognition 6 (1): 49–53. 
  7. Nolen-Hoeksema, Susan (2014). Abnormal Psychology (Sixth ed.). New York: McGraw-Hill Education. p. 67.