ميڊيڪل اميجنگ
Medical imaging | |
---|---|
Medical diagnostics | |
سي ٽي اسڪين جو عڪس جنھن ۾ پيٽ اندر ھڪ شھ رڳ ٽٽل حالت ۾ ڏيکاريل | |
ICD-10-PCS | سانچو:ICD10PCS |
ICD-9 | 87-88 |
MeSH | 003952 D 003952 |
OPS-301 code | سانچو:OPS301 |
ميڊلن پلس | 007451 |
طبي عڪاسي يا ميڊيڪل اميجنگ(انگريزي: Medical Imaging) ڪلينڪ واري تجزئي ۽ طبي مداخلت خاطر جسم جي اندرئين عضون يا تاندورن/ ٽشوز جي ڪمن جي نظر ايندڙ عڪاسي جي مرحلي ۽ طريقي کي طبي عڪاسي چئبو آھي.
طبي عڪاسي جسم جي اندر چمڙي ۽ ھڏن ۾ ڍڪيل عضون جي بناوٽ کي ظاھر ڪري ٿي ۽ انھن اندر بيمارين جي سڃاڻپ ۽ انھن جي علاج ۾ مدد ڏيندي آهي. طبي سببن جي ڪري جسم مان عضون يا تاندورن (tissues) کي ٻاھر ڪڍي انھن جي عڪاسي ڪئي ويندي آھي پر ان مرحلي جو تعلق طبي عڪاسي سان نہ پر پئٿالاجي سان ھوندو آھي. طبي عڪاسي ٿلھي ليکي حياتياتي عڪاسي يا بائيولاجيڪل اميجنگ جو حصو آهي ۽ ريڊيالاجي ۾ اچي وڃي ٿي جنھن ۾ ايڪس ري، ريڊيوگرافي، ايم آر آء، الٽراسائونڊ، اينڊو اسڪوپي، ايلاسٽوگرافي وغيره جا عڪسن وارا طريقا شامل آهن.ان جي طب ۾ اھميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ دنيا ۾ 2010 تائين طبي عڪاسي يا ميڊيڪل اميجنگ جا پنج ارب اڀياس ٿي چڪا ھئا. [1] Radiation exposure from [2]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Radiation-reduction strategies in cardiac computed tomographic angiography". Clinical Radiology 65 (11): 859–67. November 2010. doi: . PMID 20933639.
- ↑ "Medical Radiation Exposure Of The U.S. Population Greatly Increased Since The Early 1980s" (Press release). National Council on Radiation Protection & Measurements. حاصل ڪيل May 9, 2019.