ايف. اي. خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستاني آثارِ قديمه جي ماهر ۽ تحقيقي اداري جي هن سربراهه ابتدائي -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ پهرين مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان پهريان -تاريخ- جي شعبي ۾ ۽ پوءِ جاگرافي جي شعبي ۾ ماسٽرز جون ٻه ڊگريون حاصل ڪيون. بعد ۾ هن لنڊن يونيورسٽي مان آثارِ قديمه جي شعبي ۾

سنڌو -تهذيب- جو آڳاٽي ايراني ڪلچر سان واسطو:

An Archaeological study of the Indus valley civilization and their relationship to the early cultures of Iran

جي عنوان سان تحقيقي مقالو تحرير ڪري پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪئي. -آڪٽوبر- 1938ع ڌاري، هندستاني -آثار قديمه- جي سرڪاري اداري ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جتان پوءِ 1947ع ۾ کيس هندستاني حڪومت پاران چيني آثارِ قديمه بابت علمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ -ٽن- سالن لاءِ چين موڪليو ويو. آثارِ قديمه جي شعبي ۾ سندس اهم ڪارنامو سنڌو ماٿري -تهذيب- تي گذريل 25 سالن ۾ ٿيل -تحقيق- جو وسيع پيماني تي تقابلي مطالعو انتهائي اهميت جو حامل آهي. -ان- کان علاوه هن قديم هندو، -ٻڌمت- ۽ اسلامي دؤر جي آثارن ۽ انهن دورن بابت پيدا ٿيل مفروضن/ مسئلن جو تحقيقي نقطهء نگاهه سان مطالعو پڻ پيش ڪيو. پاڻ 1954ع کان -اوڀر- -پاڪستان- ۾ موجود قديم -ٻڌمت- جي ماڳ مينامتي جي کوٽائي جي عمل ۾ سرگرم رهيو. جڏهن ته سندس ٻين اهم تحقيقن ۾ سنڌو ماٿري جي آڳاٽي هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي -تهذيب- ۽ -آبادڪاري- واري پراڻي ماڳ ڪوٽڏيجي بابت کوجنا، سنڌ جي شهر ڀنڀور ۾ اٺين صدي عيسوي ڌاري عربن پاران قائم ڪيل آڳاٽي شهر جي آثارن تي ڪيل -تحقيق- شامل آهي.

هن پنهنجي تحقيقي ڪم جي حوالي سان بي شمار مقالا تحرير ڪيا آهن، جيڪي مختلف ملڪن جھڙوڪ: -آمريڪا-، نيدرلينڊ، برطانيه، هندستان ۽ -پاڪستان- جي تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. آثارِ قديمه جي حوالي سان سندس ڪيل خدمتن عيوض 1961ع ۾ پاڪستاني سرڪار پاران کيس تمغهء -پاڪستان- سان نوازيو ويو. سندس شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:

  • Mainamati: Recent Archaeological Discoveries In East Pakistan (1955).
  • Preliminary Report On Koti Diji Excavation (1957-58).
  • Preliminary Report On Banbhroe Excavations (1960).
  • The Princess Bomba Collection (Antiquities Of Sikh Period ):Catalogue, With Bomba Jindan Dileep Singh Sutherland (1961).
  • Banbhore: A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
  • Mainmati; A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
  • The Indus Valley And Early Iran (1964).
  • The Glory That Was Mohenjodaro (1967).

The Glory That Was Harrapa (1967).

  • Architecture And Art Treasures In Pakistan, (1969).[1]

حوالا[سنواريو]