ايس. ايم. آرٽس ڪاليج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايس-. ايم. آرٽس، سائنس، ڪامرس ڪاليج، سنڌ مدرسي جي بورڊ 1943ع ۾ قائم ڪيو. هن ڪاليج کي اهو اعزاز حاصل آهي ته، -ان- جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح ڪيو هو. قيام پاڪستان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جو اهو واحد ڊگري ڪاليج هو. 1953ع ۾ ڪامرس جي شعبي ۽ 1957ع ۾ سائنس جي شعبي جو واڌارو ٿيو. ڪاليج سان گڏ هڪ هاسٽل به آهي. هن ڪاليج ۾ -پاڪستان- کان علاوه وچ -اوڀر-، -اوڀر- -ايشيا-، آفريڪا ۽ ٻين خطن جا شاگرد -تعليم- پرائيندا رهيا آهن. ڊاڪٽر -امير حسن- صديقي، پروفيسر اي. جي واسطي، پروفيسر اي. ايم مولوي، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پروفيسر اي. -ايس- ڪوهاٽيءَ جهڙا ممتاز تعليمي ماهر، هن ڪاليج جا پرنسپال ٿي رهيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]