ايسٽرن نارا ڪئنال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نارا ڪئنال جو نقشو

سکر بئراج جي کاٻي ڪناري وٽان نڪرندر هڪ واهه جو نالو آهي. ۽ هيءُ -بئراج- جو سڀ کان وڏو واهه آهي. هن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو 13649 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن جي پاڻيءَ مان 13 لک، 85 هزار، 986 -ايڪڙ- زمين -آباد- ٿئي ٿي. هن واهه جي ڊيگهه 226 ميل ۽ ويڪر 346 فوٽ ۽ اونهائي 5 ء 11 فوٽ آهي.[1]مٿانهون نارا جيڪو سکر بيراج ۽ جمڙائو وائير جي وچ ۾ قائم آهي. ۽ ٻيو 115 ميل ڊگهو آهي ۽ هيٺيان نارا جمڙائو وائير کان به هيٺ آهن ۽ اهي 105 ميل ڊگها آهن. نارا ڪينال جي مجموعي ڊيگهه 220 ميل آهي ۽ انهيءَ جي گهرج گنجائش 13602 ڪيوسڪ آهي. نارا ڪينال سسٽم ۾ 6 ٻيا ڪينال مثال طور مٿانهون نارو، ھيٺانھون نارو، جمڙائو ڪينال، ٽوئن جمڙائو، مٺڙائو ڪينال، کپرو ڪينال آهن.

واضح هجي ته نارا ڪينال سسٽم سکر بيراج ۾ 1932 کان وٺي آهي. سنڌو درياءَ جي ڇوڙ جي ريگورليٽنگ ۽ مٿانهين ناري ذريعي نهرن جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي جيڪا خشڪ فصلن يعني ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي لڻائي ۾ استعمال ٿئي ٿو. نارا ڪينال ڪمانڊ جي وڏن ڀاڱن ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپهه پوکي وڃي ٿي. جڏهن ته ايسٽرن نارا ڪينال جي آخر ۾ خاص حصن ۾ چانور جي پوک ٿئي ٿي. سکر بيراج جي اڏاوت کان اڳ نارا ڪينال هڪ ٻوڏ وارو هنڌ سمجهيو ويندو هو جيڪو پراڻي هڪڙي دريا جي ڪورس کي فالو ڪندو هو. جنهن کي 19هين صدي ۾ بند ڪيو ويو هو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. ايسٽرن نارا ڪئنال : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. http://dailynawaisindh.com/?p=18204.  Missing or empty |title= (مدد){ روزنامه نواء سنڌ جي ھڪ رپورٽ}