ايسوسيئيشن آف چارٽرڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايسوسيئيشن آف چارٽرڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽس

اي سي سي اي جو نشان
مخفف اي سي سي اي
نعرو عالمي پيشورانہ اڪائونٽنگ جو ادارو[1]
قيام نومبر 13, 1904؛ 119 سال اَڳُ (1904-11-13)
قانوني حيثيت چارٽرڊ
صدر دفتر لنڊن، گڏيل بادشاهت
علائقا خدمت 180 ملڪ
رُڪن سازي 200,000
شاگرد 486,000[2]
لقب رُڪن اي سي سي اي، ايف سي سي اي
صدر ليو لي چي منگ
سي ايِ او هيلن براند
آئي ايف اي سي رُڪن از 7 آڪٽوبر 1977
ويبسائيٽ www.accaglobal.com
ACCA advertising on a Hong Kong tram

ايسوسيئيشن آف چارٽڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽس : Association of Chartered Certified Accountants :(ACCA) عالمي پيشورانہ اڪائونٽنگ جو ادارو آھي جنھن جو بنياد 1904 ۾ پيو جيڪو دنيا اندر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جون ڊگريون (ACCA or FCCA)ڏيندو رھيو آھي.ھن اداري جو خيال آهي تہ معيشت جي فروغ ۽ استحڪام ۾ اڪائونٽنگ جو اھم ڪردار آهي تنھن ڪري ھي ادارو ان پيشي جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ھن اداري مطابق دنيا م ان جا 2018 ۾ 208000 ميمبر ۽ 503000 شاگرد آهن جيڪي دنيا اندر بھترين صلاحيتن جا مالڪ آھن ۽ دنيا اندر ھر شعبي اندر پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪري رھيا آھن.[3] ھن اداري جو تہ صدر مقام لنڊن ۾ آهي پر اھم انتظامي آفيس وري گلاسڪو ۾ اٿس.دنيا ۾ ھن اداري جون 100 کان بہ مٿي آفيسون آهن جن ۾ 7200 ملازم ڪم ڪري رھيا آھن.اداري جي نالي ۾ لفظ چارٽرڊ دراصل شاھي چارٽر يا رايل چارٽر (Royal Charter) ڏي اشارو ڪري ٿو جيڪو 1974 ۾ منظور ٿيو ھو. اھڙي طرح چارٽڊ سرٽيفائيڊ اڪائونٽنٽ کي قانوني تحفظ مليل آهي ۽ ان درجي تي پھچڻ لاءِ اھو لازم آھي تہ اڪائونٽنٽ ھن اداري جو ميمبر ٿئي. 1996 کان وٺي ھن اداري جي ماتحتي ۾ ايسوسيئيشن آف اٿورائيزڊ پبلڪ اڪائونٽنٽس (AAPA) پڻ ڪم ڪري رھي آھي.

حوالا[سنواريو]