ايراني انقلاب
انقلاب ايران (Iranian Revolution)، آيت الله خميني جي اڳواڻي ۾ شهنشاهيت جي خلاف ايران جي ماڻهن جي تحريڪ هئي، جيڪا سال 1979ع ۾ شهنشاهيت جي خاتمي تي مڪمل ٿي.
|
انقلاب ايران (Iranian Revolution)، آيت الله خميني جي اڳواڻي ۾ شهنشاهيت جي خلاف ايران جي ماڻهن جي تحريڪ هئي، جيڪا سال 1979ع ۾ شهنشاهيت جي خاتمي تي مڪمل ٿي.
امام خميني (آيت الله روح الله خميني) جيڪو ايران جو وڏو عالم هو جنهن ايران جي پهلوي شهنشاه ۽ ان جي غير محب وطن ۽ عوام دشمن حڪومت سان ٽڪر کائي ملڪ ۾ انقلاب آندو ۽ ان ملڪ جو سپريم ليڊر ٿي، جنهن مثالي سادگي واري زندگي ۾ رهيو ان جو اڄ جي دؤر ۾ جواب ناهي. ايران جا صدر به اصولن تي اٽل، سادگي جي زندگي، ايران ۽ ان جي عوام جي خدمت ڪري ايران ۽ اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ آمريڪا جهڙي سپر پاور جي پرواه نه ڪندي هن نيوڪليئر پاور جي معاملي ۾ کتا جواب ۽ يهودي لابي خلاف بي ڊپا بيان ڏيڻ ڪري مغرب ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
اسلامي انقلاب کان پوءِ ايران جا صدر
[سنواريو]آيت الله خامنائي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر ٿي رهيو. اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ست صدر ٿي چڪا آهن جيڪي هن ريت آهن:
- ابوالحسن بني صدر
- محمد علي رجائي
- سید علي خامنائي
- علي اڪبر هاشمي رفسنجاني
- محمد خاتمي
- محمود احمدي نزاد
- حسن روحاني
حوالا
[سنواريو]