اياز پاٽولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ غير معمولي ڪم ڪندڙن ۾ -اياز- پاٽوليءَ جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن مجموعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نقصان ٿيو، تڏهن ٻارن لاءِ لکندڙ ڪيترن ئي اديبن جي هندستان لڏي وڃڻ ڪري، ٻارن لاءِ لکڻ ۽ اشاعتي ڪمن جو سلسلو پڻ -بند- ٿي ويو. اهڙيءَ صورتحال ۾ -اياز پاٽولي- ئي هو، جنهن ”اداره گلشن ادب“ ۽ ”بزم گلشن سنگت“ جو قيام عمل ۾ آڻي، ٻيهر سنڌي ٻاراڻي ادب کي جياريو. اياز پاٽوليءَ جو -جنم- 2 -اپريل- 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد هاشم -پاٽولي- آهي. هن 1954ع کان -اياز- پاٽوليءَ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مسلسل ٻارن لاءِ لکي رهيو آهي. سڀ کان پهرين سندس واسطو ”ٻارن جي محفل“ سان رهيو. بعد ۾، -جنوري- 1957ع ۾ ”اداره گلشن ادب“ جو قيام عمل ۾ آڻي، -ان- جي پليٽ فارم -تان- ٻاراڻا اشاعتي سلسلا -جاري- ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. هن -جولاءِ- 1960ع ۾ ”بزم گلشن ادب“ جو به قيام عمل ۾ آندو. سندس تنظيم ۽ اداري پاران ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتابن جو تعداد تقريباً 300 (طبعزاد توڙي ترجمو/ ترتيب) آهي. هن 77- 1976 ۾ ”ٻارن جو ڊائجسٽ“ ۽ ”گلشن ڊائجسٽ“ نالي سان ٻارن جا ڊائجسٽ به -جاري- ڪيا. اياز -پاٽولي- سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ مسلسل 51 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي. مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ سندس ڇپيل مواد تمام گهڻو آهي. هن نه رڳو ٻارن لاءِ لکيو آهي، پر اداره گلشن ادب ٽنڊي محمد خان طرفان ڪيترائي نوان اديب ۽ شاعر پڻ متعارف ڪرايا آهن. هن وقت هُو ٽنڊي محمد خان شهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجو هڪ پسارڪو دڪان هلائي رهيو آهي. سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن پاران بيشمار اوارڊ مليل آهن. ٻارن لاءِ سندس لکڻيون اڄ به سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن.[1] اياز پاٽولي 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊو محمد خان جي پاٽولي پاڙي ۾ جنم ورتو، اصل نالو ۾ محمد هاشم پاٽولي اٿس ، سندس والد جو نالو عبدالله پاٽولي آهي،  کيس ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ جو شوق هوندو هو. اسڪول پرائڻ جو شوق هوندو هو. اسڪول ۾ به ساڻس استاد نهايت قرب ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. ننڍپڻ ۾ کيس نه هوٽلن تي ويهي گانن ٻڌڻ جو شوق جاڳيو ۽ نه وري فلم ڏسڻ جو شوق پيدا ٿيو. سارو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪندو هو جنهن جو اثر اهو ٿيو جو آهستي آهستي منجهس لکڻ جو چاهه جاڳيو ۽ ان چاهه جي نتيجي ۾ سندس نظم ۽ ڪهاڻيون  نواءِ سنڌ، نئين سنڌ ۽ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيڻ لڳا.   برصغير جي ورهاست کانپوءِ جڏهن سراسري طور سنڌي ٻولي ۽ ادب کي سخت ڇيهو رسيو، ڇاڪاڻ ته ٻاراڻي ادب لاءِ لکندڙ قلمڪارن جي ڀارت لڏي وڃڻ ڪري ٻاراڻي ادب لاءِ لکڻ ۽ اشاعتي سرگرمين جو سلسلو مڪمل طور  بند ٿي چڪو هو ، سنڌي ٻاراڻي ادب جي جياپي واري اهڙي خطرناڪ موڙ تي اياز پاٽولي ئي هو ، جنهن ٻاراڻي ادب تي غير معمولي ڪم ڪري پنهنجي هڪ منفرد حيثيت جوڙي. هن ”اداره گلشن ادب“ ۽ ”بزم گلشن ادب“ قائم ڪري سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ نئين جان وڌي. اياز پاٽولي 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي ، سڀ کان پهرين ”ٻارن جي محفل“ جو سلسلو شروع ڪيائين ، جنهن ۾ ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان ۾ شامل رهيو ، بعد ۾ جڏهن ٻارڙن جو رسالو ”گلستان“ بند ٿيو ته ٻارن کي ادبي ماحول ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ  جنوري 1957ع ۾ ”اداره گلشن ادب“ قائم ڪري  ٻارڙن لاءِ اشاعتي سلسلا جاري ڪيائين ،  17جولائي 1960ع تي ٻاراڻي ادب لاءِ ”بزم گلشن ادب“ جو قيام عمل ۾ آندائين . ”بزم گلشن ادب“ قائم ڪرڻ جو اهو اثر ٿيو جو ٻارن ۾ تقرير ۽ تحرير جو شوق حد کان وڌيڪ وڌيو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ 40- 50 شاخون قائم ٿي ويون. . هن کي فخر آهي ته بزم گلشن جا گلڙا اڄ ڪنهن منزل تي پهتل آهن. ڪي ڊاڪٽر آهن ته ڪي وڪيل، ڪي جج آهن ته ڪي انجنيئرڪي استاد آهن ته ڪي صحافي. بزم گلشن جي اثر سان سنڌ ۾ ادبي سلسلن جو ڄار پکڙيو. ٻاراڻي ادب لاءِ سندس غير معمولي ڪوششن سان طبعزاد توڙي ترجمو ۽ ترتيب ڏنل ڇپيل ڪتابن جو تعداد 300 کان مٿي آهي.1976ع ۾ ”ٻارن جو ڊائجسٽ“ ۽ ”گلشن ڊائجسٽ“ جي نالي سان ٻاراڻا رسالا به جاري ڪيائين . اياز پاٽولي اڌ صدي کان وڌيڪ ٻاراڻي ادب لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. مختلف ڪتابن ، رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس لکڻين جو تعداد بيشمار آهي. هن نه رڳو ٻاراڻي ادب لاءِ ڪم ڪيو پر ”اداره گلشن ادب“ ۽ ”بزم گلشن ادب“ ٽنڊو محمد خان پاران ڪيترائي اديب ، دانشور ۽ شاعر متعارف ڪرايا. جيڪي بهترين منزلن تي پهتا. سندس علمي خدمتن عيوض ڪيترن ئي ملڪي توڙي صوبائي ادارن ۽ تنظيمن کيس ايوارڊن سان نوازيو . لکڻ جو سلسلو جاري اٿس، اڄ به سندس لکڻيون ڪيرن ئي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون . سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو .   ( اعظم ڀٽي ، پير محلا ، ٽنڊو محمد خان ، 03332807110 )

حوالا[سنواريو]