اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ
|
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ |
|
|---|---|
| ليکڪ | اشتياق انصاري |
| ملڪ | پاڪستان |
| ٻولي | سنڌي |
| موضوع | اوڏ قبيلي جي تاريخ ۽ انٿروپالاجي |
| ڇاپيندڙ |
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي |
| اشاعت جي تاريخ | 2004ع (پھريون ڇاپو) |
| صفحا | 248 |
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ ڪتاب نامياري اديب ۽ محقق اشتياق انصاريءَ جو لکيل آهي، جنھن ۾ سنڌ جي قديم اڻ آريائي قبيلي، اوڏن جي اصليت، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ ڪرت ڪسب جي ڪٿا خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي.[1]
خلاصو
[سنواريو]ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ليکڪ لکيو آهي تہ هن ڪتاب ۾ دراصل ٻن دوستن جي سچي ڪهاڻي آهي، هڪ مسلم آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي موٽرن وارو، ٻيومسڪين گڏھ تي مٽي ڍوئيندڙ، هڪ پڙهيل لکيل ۽ ٻئي کي ڪلهي تي ڪوڏر، پر ايتري طبقاتي اوچ نيچ جي باوجود دوستيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ هو هڪٻئي لاءِ الائي ڪيتريون قربانيون ڏين ٿا. دنيا ۾ اهڙي مثالي دوستي ڏسي، فخر سان دوستيءَ جھڙي رشتي جو قسم کائي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٿورو گهڻو اوڏن تي انٿروپالاجيڪل مطالعي جو اثر به محسوس ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڦوٽو پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ اوڏڪي ٻوليءَ جي عام لفظن جي سنڌي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي، 248 صفحن تي مبني هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا رکيل آهي. چئن رنگن ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2004ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ڇپيل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2026-03-03 تي حاصل ڪيل.