اوٽن جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلامي دور جو هيءُ ماڳ ديهه سيهرات، تپي ماتلي- ماتلي کان ڦلڪار ويندڙ رستي تي بدين ضلعي ۾ آهي. ھيءُ دڙو زمين جي سطح کان 5 فوٽ کن مٿي آھي. مٿاڇري تي ٺڪراٺو عام آھي، جيڪو گھڻو ڪري اسلامي دور سان واسطو رکي ٿو. ھينئر اتي قبرستان آھي. سانوڻ فقير بيتن جو وڏو شاعر به اتي دفن ٿيل آھي. مٿي وچ ۾ ھڪ مسجد جا آثار نظر اچن ٿا. دڙو کوٽائي ٿيل ڪونه آھي. چون ٿا ته ھي ڏاڍو ستابو شھر ھو.[1]

حوالا[سنواريو]