اوٺيئڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوٺيئڙو (مڇي جو قسم)[سنواريو]

اوٺار/ اوٺيئڙو: درياهي مڇيءَ جو هڪ قسم. هن مڇيءَ کي ”اوٺيار“ به چوندا آهن. هيءَ مڇي -بت- ۾ ويڪري ٿيندي آهي، پر نموني ۾ وونچ جهڙي آهي. ڊيگهه ۾ 6/7 -انچ- ٿئي ٿي، وزن -پاءُ-، وڌ ۾ وڌ ڏيڍ -پاءُ- ٿئي. اوٺار مڇي کائڻ ۾ لوجريءَ جهڙي ٿيندي آهي. ليئي يا مَلِي قسم جي مڇين ۾ شمار ٿئي ٿي. آنيءَ جي مند ۾ -آني- ڪري. هيءَ مڇي پنهنجو ولر ٺاهي، اٿل جي پاڻيءَ ۾ هلندي آهي. هن جون ڪليون قد -بت- جي لحاظ کان ٿلهيريون ٿين ٿيون. ٻوڙ کان وڌيڪ -تري- کائجي ٿي. ڇلهر سنهڙا اٿس. رنگ سفيد ٿيندو اٿس. سڻي مڇيءَ سان نسبت رکي ٿي. ٻن پاکن وارن رڇن ۾ هيءَ مڇي ڦاسندي ناهي، پر سنها رڇ هن مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. سنڌ ۾ هيءَ مڇي به ٻين مڇين وانگر ڪثرت سان استعمال ٿئي ٿي. هن جي غذا به گاهه، -اناج- ۽ پاڻيءَ جا جيت وغيره آهن.[1]

اوٺيئڙو (شاعري)[سنواريو]

(Othearo):اوٺيئڙو ٿري لاڏي جو قسم آهي، ڀٽن تي ٻي سواري نه هئڻ ڪري اٺن تي پاکڙا وجهي ماڻهو/ مسافر ڀاڙي تي پري پري سفر ڪندا آهن ۽ جيڪو گيت ڳائيندا آهن، تنهن کي ”اوٺيئڙو“ سڏبو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%88%D9%BA%D8%A7%D8%B1%20%D8%A7%D9%88%D9%BA%D9%8A%D8%A6%DA%99%D9%88
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي