اونداهي ڌرتي روشن هٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هن ناول ۾ آغا سليم (Agha Saleem) تاريخي ڪردارن ۽ واقعن کي هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪيو آهي. هن ناول ۾ آغا جي فني طرز ۽ شعور جو وهڪرو خاص طور تي ورجينيا وولف ۽ قرت العين حيدر جي ناول آگ ڪا دريا تان متاثر ٿيل لڳي ٿو، پر هن ۾ ٽيڪنيڪ جو استعمال آغا جي پنهنجي ڪاوشن ۽ اصلي محسوس ٿئي ٿي. هن ناول ۾ انساني تهذيب ۽ تاريخ جي شعور, جذبن ۽ احساسن جي ترجماني، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخيل جي مضبوطي، ڪردارنگاري ۾ جوڀن ۽ اسلوب جي روشني آغا جي هن لکڻي کي ڪمال بخشيو آهي. [1] [2]