اوناڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بگهڙ-، گدڙ ۽ ڪُتي جي ڪُوڪَ. اهي ٽيئي جانور رات جو اوناڙيون ڪندا آهن. -بگهڙ- ۽ گدڙ ته جهنگ ۾ هوندا آهن، پر ڪُتو گهرو جانور آهي، جيڪو عموماً رات جي نوائيءَ ۾ اُن مهل اُوناڙ ڪندو آهي، جڏهن سڀ ماڻهو مٺيءَ ننڊ ۾ ستل هوندا آهن. -ان- وقت ڪُتي جي -اوناڙ- نهايت اڻ وڻندڙ ۽ خوفائتي لڳندي آهي، تنهنڪري ڪتي جي اُوناڙ کي نڀاڳ چوندا آهن. اصل ۾ -اوناڙ- -بگهڙ- جي ڪوڪ/ آواز آهي. ڪُتو نسلي طرح -بگهڙ- جي نسل مان آهي ۽ سندس -اوناڙ- نسلي وراثت جو اهڃاڻ ۽ -جبلت- آهي.[1]

حوالا[سنواريو]