اوشانيا پئسفڪ آئلينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بحرستان يا پئسفڪ سمنڊ وارا ٻيٽ يا اوشيانا پئسفڪ آئلينڊ (Oceania Pacific Island) ننڍن وڏن ٻيٽن تي پئسفڪ (ڍرويا سُست) وڏي سمنڊ ۾ موجود 10،000 چورس ڪلوميٽر پکيڙ رکندڙ ڇهن ملڪن (آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، پاپوا نيوگني، فِجي، ڪريبائي ۽ مارشل ٻيٽ وارو علائقو جن جي 2004ع ۾ ڪل آبادي 30،379460 هُئي. اهي ٻيٽ گهڻو ڪري يورپي ملڪن جون بيٺڪون هُئا، ۽ بنا ڪنهن جدوجهد جي آزادي ماڻيائون. 1987ع ۾ فجيءَ جي ٻيٽن تي فوجي بغاوت ٿي ۽ پاپوا نيوگنيءَ ۾ وسيلن جي مالڪيءَ تان سياسي ٽڪراءُ ٿيو. 1985ع کان هي علائقو ائٽمي هٿيارن کان پاڪ قرار ڏنو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]