اوستو (ذات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ ذات جو نالو. -اوستا- پاڻ کي سومرن جي شاخ ظاهر ڪن ٿا، -جن- جي ماضيءَ ۾ ڪرت، تعميرات ۽ عمارت سازي رهي آهي. جيڪب آباد تعلقي ۾ -اوستا-، وڏين زميندارين جا مالڪ رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته انگريزن جي دور ۾ اوستي ڀليڏني خان کان انگريزن گهڻو ئي تعميراتي ڪم ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عمارتون جوڙايون هيون. موجوده ڪپڙا مارڪيٽ ۽ گهنٽا گهر به انهن ۾ شامل آهن. انهن جي عيوض ۾ انگريزن اُستي ڀليڏني کي زرعي زمين عطا ڪئي. هُن ڀليڏني -آباد- جو شهر -ٻڌي- زمينون -آباد- ڪيون، جتان سندس پويان زميندار بڻيا. بعد ۾ اوستي ڪريم ڏني خان مسجد ٺهرائي ۽ اُن سان گڏ ديني مدرسو قائم ڪيو. انهيءَ کان سواءِ 500 -جريب- زمين جا خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪيا، -جن- جي اپت مان هر سال ڪيترائي مستحق ماڻهو حج تي اماڻيا ويندا هئا، -ان- جي نياڻي درمحمد خان اوستي سان پرڻيل هئي، جيڪو ون يونٽ دور ۾ ۽ -ان- کان پوءِ سنڌ جو -تعليم- وارو صوبائي وزير بڻيو. اڳ اُوڍن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته -اوستا- ۽ -اوڍا-، اوڍي بزرگ جا مريد هئا، -تن- کي هن تر جي وڏي زميندار مرکياڻيءَ، ڌيءَ پرڻائي ملڪيت جو اٺوڳ ڏنو هو، سا ملڪيت اوستي محمد خان کي ملي هئي، تنهن وڃي اوستي محمد جو شهر وسايو. -ان- کان علاوه اوڍي بزرگ جي خليفي هئڻ ناتي اوستو تلفظ ڦيرائي -اوستا- ڪوٺجڻ لڳا. هن وقت -اوستا- جيڪب -آباد- کان وڌيڪ شڪارپور ۾ -آباد- آهن، پر وڏيون ملڪيتون جيڪب -آباد- ۾ اٿن. عام معنيٰ ۾ ”اوستو“، اُستاد، ڪاريگر کي چيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]