اوسارا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پار- ڪڍڻ يا ماتم ڪرڻ. سنڌ ۾ جڏهن ڪنهن گهر ۾ مرتيو ٿيندو آهي ته تڏي تي ٻه عورتون، -جن- مان هڪ مرڻ واري جي ويجهي مائٽياڻي هوندي آهي ۽ ٻي راڄ ڀاڳ واري، اُهي پاڻ ۾ ڳراٽڙي -پائي-، -پار- ڪڍي -اوسارا- ڏينديون آهن ۽ ٻيون چار عورتون وراڻيءَ ۾ اوڇنگار ڪندي ورجاءُ ڪنديون آهن. سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ -اوسارا- پڻ هڪ صنف جي حيثيت رکن ٿا. ريتين رسمن ۾ مٽ مائٽ جي مرڻ تي ۽ محرم جي ماتمي مجلسن ۾ پڙ سان گڏ يا ماتمين سان گڏ -اوسارا- ڏيڻ جو رواج آهي. اوسارن ۾ وڇڙي ويل جون صفتون ۽ ڳڻ ساريا ويندا آهن ۽ پنهنجي قربت جي اهميت جو پڻ بيان ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري جڏهن ڪنهن نوجوان مرد، جيڪو غيرشادي شده يا شادي شده هجي، -ان- جي مرڻ تي اوسارڻ جو انداز هانءُ ڏاريندڙ هوندو آهي. محرم ۾ حضرت قاسم -بن- حسن عليه السلام جي لاءِ پڻ اهڙي ئي قسم جا -اوسارا- اوساريا ويندا آهن. مثال طور: ”موڙن ويلي ماريس ڙي واڍوڙيل وري آءُ!“ ”الا هاءِ هاءِ، -جن- جي عرش مٿي اوڇنگار“.[1]

حوالا[سنواريو]