اوزون تھ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اوزون (Ozone ):-اوزون- گئس، -آڪسيجن- جي -ٽن- ائٽمن جي ملڻ سان ٺهي ٿي. -اوزون- جو تهه، اوزن گئس جو ٺهيل هوندو آهي. -اوزون- جو وڌ ۾ وڌ مقدار ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 15 کان 60 ڪلو ميٽر مٿي، ڌرتيءَ جي چؤگرد ڇَٽَ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”اوزونو اسفيئر“ (Ozonosphere) سڏيو ويندو آهي. اوزون جو تهه سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي، علمِ طبعي جي ماهر ”چارلس فئبري“ 1913ع ۾ لڌو. هوا جي هڪ ملين حصي ۾، -اوزون- هڪ حصي جي حساب سان موجود ٿئي ٿي، ايتري تڇ مقدار ۾ موجود هوندي به سج جي ساڙيندڙ الٽرا وايو ليٽ ڪرڻن کي اثرائتي نموني جذب ڪري، زمين تي پهچڻ نٿي ڏئي. قدرتي طور جڏهن سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وايومنڊل ۾ موجود -آڪسيجن- سان لڳن ٿا، تڏهن ”-اوزون-“ پيدا ٿئي ٿي. سج جي روشنيءَ ۽ وايومنڊل ۾ قدرتي طور موجود نائٽرس آڪسائيڊ جي مختصر مقدار کان سواءِ ڪن ڪيميائي مادن جي موجود هجڻ سبب گهڻو وقت جٽادار رهي نٿي سگهي، ائين قدرتي وايومنڊل ۾ ”-اوزون-“ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل ۽ نفيس توازن برقرار رهي ٿو. -اوزون- جو ڇَٽ سج جا 99 سيڪڙو ڪرڻا جذب ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي هونئن انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته منجهانئس سج جا انفراريڊ -ترورا- ٽپي، زمين کي گرمائش پهچائين ٿا. ايئر ڪنڊيشنرن ۽ ريفريجريٽرن کان سواءِ اسپري دٻن، جهڙوڪ: وارن جي اسپري، خوشبوءِ پکيڙيندڙ ۽ ايئرفريشنرن ۾ استعمال ٿيندڙ فيران گئس، -اوزون- جي تهه کي ڳاري ڇڏي ٿي. ڏهه سال اڳ جي هڪ اندازي موجب هن گئس جا لڳ ڀڳ 17000,000,00 -پائونڊ- هر سال وايومنڊل ۾ خارج ٿين ٿا. ’-اوزون-‘ جي تهه ۾ وڌ ۾ وڌ -اوزون-، قطبن وٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ خط استوا وٽ موجود آهي.

اوزون جي تهه ۾ جيتري وڌيڪ ڇڊاڻ ٿيندي، اوترا سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وڌيڪ مقدار ۾ ڌرتيءَ تي پهچندا ۽ اوتريون بيماريون جهڙوڪ، چمڙيءَ جي ڪئنسر ۽ اک جي موتئي پاڻيءَ جون بيماريون وڌنديون ۽ جانورن سميت -ٻوٽا- متاثر ٿيندا. هڪ اندازي موجب -اوزون- جي تهه ۾ صرف 5 سيڪڙو ڇڊاڻ سبب سڄيءَ دنيا ۾ هر سال رڳو چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ 50 لکن کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا ٿي سگهن ٿا.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%88%D8%B2%D9%88%D9%86