مواد ڏانھن هلو

اودئيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اَودِئَينَي Odienné
اَودِئَينَي 
 Odienné is located in آئوري ڪوسٽ
اَودِئَينَي 
 Odienné
اَودِئَينَي Odienné
آئيوري ڪوسٽ ۾ مقام
Coordinates: 9°30′N 7°34′W / 9.500°N 7.567°W / 9.500; -7.567
ملڪ آئيوري ڪوسٽ
ضلعوڊينگئيلي ضلعو
ريجنڪابادوگئو
ڊپارٽمينٽاودئيني ڊپارٽمينٽ
آبادي
 (2014)[1]
• ڪل50506
وقتي علائقوUTC+0 (جي ايم ٽي)

اَودِئَينَي (انگريزي: Odienné) (فرينچ اچار: [ɔdjɛne]) آئيوري ڪوسٽ ڊينگيلي ضلعي ۾ واقع ھڪ شھر جو نالو آھي جيڪو ملڪ جي اتراولھ ۾ واقع آهي ۽ ساڳي وقت ضلعي ۽ ريجن جي صدر مقام ھجڻ سميت اودئيني ڪميون ۽ اودئيني سب پريفيڪچر جو پڻ صدر مقام آهي. ھن شھر جو بنياد ماندينڪي قبيلي جي ماڻهن واڪابا طوري جي دؤر ۾ رکيو ھو ۽ بعد ۾ ساموري طوري اتي ھڪ مددگار اڏو قائم ڪيو ھو. ھن شھر لڳ سون جون کاڻون واقع آھن. واڪابا طوري جو مقبرو پڻ ھن شھر لڳ واقع آهي. شھرين کي ايئرپورٽ جي سھولت پڻ ميسر آهي.[2][3] ھڪ راندين وارو اسٽيڊيم پڻ واقع آهي[4] سينٽ آگسٽائين ڪيٿيڊرل پڻ واقع آهي جيڪا رومن ڪيٿولڪ جي بشپ جو ھن شھر وارو صدر مقام آهي[5][6] 2014 ۾ ھن شھر جي آبادي 42,173 ھئي. ھن شھر جي پسگردائيءَ ۾ سب پريفيڪچر واري حدن اندر 17 ڳوٺ واقع آھن جن ۾ [7] سيرانا، گبانھانلا، ڪوئروئڪرو مافَيلي ۽ زئَيوَاسَو شامل آهن. 2014 ۾ سب پريفيڪچر جي آبادي 50,506 ھئي[7].

تاريخ

[سنواريو]

شھر جو بنياد سينوفو ۽ ماندينڪي ماڻھن وڌو هو پر اھو واڪابا طوري (1800–58) سان منصوب ڪيو وڃي ٿو جنھن ڪابادوگئو ايمپائر جو پڻ بنياد وڌو ھو. فرينچ کوجنا ڪندڙ رينَي ڪائِلئَي ھن شھر ۾ 1827ع ۾ آيو ھو[8] 1898 ۾ فرانس ھن شھر ۾ فوجي چوڪي قائم ڪيو ھو[9] آئيوري ڪوسٽ جي پھرين گھرو ويڙھ ۾ ھي شھر آئيوري ڪوسٽ جي نئين فوج جو مضبوط ڳڙھ ھيو. جنگ جي مرڪز کان پري ھجڻ ڪري ويڙھ دوران نسبتن پرامن رھيو.[2]

معيشت

[سنواريو]

ھن شھر جي معيشت زرعي آھي ۽ زرعي جنسن ۾ مقامي پيدوار ميون، کاڄن، ڪچالو ۽ ڪپھ جي ٿئي ٿي جن لاء منڊي ھن شھر ۾ آھي.[8] ھتي سارين جي ڇڙائي جا ڪارخانا ۽ ميگنيز جي پيداوار صنعت پڻ واقع آهي[10].

رانديون

[سنواريو]

ھتي ھر قسم جي راندين کيڏڻ لاء ھڪ ميونسپل اسٽيڊيم واقع آهي جنھن کي اسٽيڊ اسٽيڊيم سڏيندا آهن[4] ان کان سواءِ ھڪ فٽبال ڪلب پڻ واقع آهي.

آبهوا

[سنواريو]
موسمي رڪارڊ : اودئيني
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
33.4
(92.1)
35.6
(96.1)
35.3
(95.5)
34.9
(94.8)
33.2
(91.8)
31.3
(88.3)
29.8
(85.6)
29.5
(85.1)
30.2
(86.4)
29.9
(85.8)
32.6
(90.7)
32.3
(90.1)
32.3
(90.1)
روزاني سراسري°C (°F) 24.0
(75.2)
27.1
(80.8)
28.5
(83.3)
28.4
(83.1)
27.3
(81.1)
25.8
(78.4)
24.8
(76.6)
24.5
(76.1)
24.7
(76.5)
25.3
(77.5)
25.1
(77.2)
23.3
(73.9)
25.7
(78.3)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
14.7
(58.5)
18.4
(65.1)
21.3
(70.3)
22.3
(72.1)
21.9
(71.4)
20.9
(69.6)
20.5
(68.9)
20.3
(68.5)
20.4
(68.7)
19.8
(67.6)
18.2
(64.8)
14.8
(58.6)
19.5
(67.1)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 43.0
(1.693)
10.6
(0.417)
33.4
(1.315)
78.9
(3.106)
118.8
(4.677)
153.4
(6.039)
283.5
(11.161)
342.2
(13.472)
251.2
(9.89)
140.6
(5.535)
31.5
(1.24)
13.6
(0.535)
1,500.7
(59.083)
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
242.0 220.2 217.3 214.7 248.8 221.8 183.5 174.5 185.4 235.8 252.0 242.6 2,638.6
Source: NOAA[11]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Côte d'Ivoire". geohive.com. اصل نسخو مان 24 November 2015 تي محفوظ ڪيل. 5 December 2015 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 Tom Sykes (25 July 2016). Ivory Coast. Bradt Travel Guides. ص. 192. ISBN 978-1-78477-004-4.
  3. "(KEO) Odienne Airport". FlightStats. 19 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 "Côte d'Ivoire/ Ligue 1 : La SOA surprise à Yamoussoukro par l'AS Denguélé d'Odienné | Côte d'Ivoire / AIP". aip.ci (فرانسيسي ۾). 19 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  5. "Pentecôte: Dominique Ouattara à la Cathédrale St Augustin d'Odienné". Abidjan.net. 19 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  6. Cheney, David M. "Odienné (Diocese) [Catholic-Hierarchy]". www.catholic-hierarchy.org. 19 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. 1 2 "RGPH 2014, Répertoire des localités, Région Kabadougou" (PDF). ins.ci. 5 August 2019 تي حاصل ڪيل.
  8. 1 2 Tom Sykes (25 July 2016). Ivory Coast. Bradt Travel Guides. ص. 191. ISBN 978-1-78477-004-4.
  9. Ambe Njoh (24 January 2007). Planning Power: Town Planning and Social Control in Colonial Africa. CRC Press. ص. 86. ISBN 978-1-135-39160-7.
  10. "Odienne | Cote d'Ivoire". Encyclopædia Britannica. 19 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  11. "Odienné–Aero Climate Normals 1961–1990". National Oceanic and Atmospheric Administration. December 21, 2015 تي حاصل ڪيل.