ڪچالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪچالو (ٻيا نالا: عربي: قلقاش، بنگالي: گري، اردو: اروي، هندي: گهٽيان، گجراتي: الوٽي، انگريزي: ڪولو ڪيشيا انٽي ڪوئرم، C. Antiquorum) ھڪ سبزي آهي. پٽاٽن جئان زمين اندر ٿئي ٿي. هن جا پن وڏا ۽ سڻڀا ٿيندا آهن. رنگ ٻاهران ڀورو ڇلرن سان، اندران اڇو کير وانگي. ذائقو ڦڪو، ڪچي کائڻ سان نڙيءَ ۾ خارش پيدا ڪندڙ آهي.

طب[سنواريو]

مزاج: سرد خشڪ. ڪن گرم تر ۽ ڪن سرد تر به لکيو آهي.

خاصيت: هي مني ۽ قوت باھ وڌائيندڙ آهي، بدن جي طاقت ۽ ٿولهه لاءِ ڪارگر بيان ڪيل آهي. لعابدار هئڻ سبب کائڻ سان کنگهہ ۽ سيني جي خشڪيءَ لاءِ مفيد آهي. هن جا ڇلر دست بند ڪن ٿا. سندس پن، پيشاب کولڻ لاءِ گهوٽي پياريا ويندا آهن، هن سان گڏ ليمون کائڻ ضروري آهي. هن ۾ نشاستيدار جزا، معدني لوڻ ۽ وٽامن سي موجود آهي. (دير هضم ۽ بادي آهن).[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.