اوج علوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ۽ نثر نويس. اوج علويءَ جو اصل نالو شفيع محمد ولد درمحمد علوي هو. سندس پيدائش 14 -آڪٽوبر-، 1921ع تي شهر شڪارپور ۾ ٿي. ايم. اي ڪيائين. انفرميشن آفيسر هو ۽ 1972ع ۾ وفات ڪيائين. سندس بيشمار مضمون ۽ مقالا ماهوار رسالن جهڙوڪ: ”نئين زندگي“، ”ڳوٺ سڌار“ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ملتان ۾ انفرميشن آفيسر هئڻ دوران وفات ڪئي. پبلڪ لائبرري -باغ- لانگي خان ۾ سندس سمورا ڪتاب رکيا ويا، -جن- ۾ سنڌي جو گهڻو تعداد هو ۽ هن وقت باقاعدي -ان- لائبرريءَ ۾ سوين ڪتابن تي مشتمل سنڌي سيڪشن موجود آهي. هن لائبرريءَ جو سيڪريٽري ائڊووڪيٽ عمر ڪمال خان رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]