اوائلي ھاٿي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ ۾ وڏي جسامت جا مماليه (136 ملين سال اڳ) برابر پيدا ٿيا. اهڙي دريافت 1982ع ڌاري آمريڪي سائنسدانن ڪئي هئي پر انهن کان به گهڻو اڳ مسٽر بلانفورڊ کوج ڪري چڪو هو. ايڇ ٽي سورلي جي سنڌ گزيٽر ۾ به ڊائنو ٿيريم جو ذڪر موجود آهي. 2003ع ڌاري -بدر- ابڙي به -ان- سلسلي ۾ ڪنهن هنڌ ڊائنو ٿيريم جو سڄو سارو هڏائون پڃرو ڏٺو آهي. هن وٽ -ان- ماڳ جا ڪوآرڊينيٽس (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ موجب پوزيشن) موجود آهن، جنهن جاءِ تي اهو هڏائون پڃرو موجود آهي، -ان- جو ڏس هن عام نه ڪيو آهي ته متان ماڻهو لالچ ۾ اچي اهو پنڊ پهڻ ٿيل ڍانڍو ضايع ڪن. ڊائنو ٿيريم 14 فٽ قدبت جو -اوائلي هاٿي- هو. اهو آڳاٽي دور جي برفاني هاٿي ميموٿ (Mammuthus) کان جسماني طور ڪافي وڏو نسلي طور -ان- جو به -تڙ- ڏاڏو هو. -ان- جا وَڄ اڄوڪي هاٿيءَ وانگر مٿين ڄاڙيءَ ۾ ڪو نه هئا، پر اهي هيٺين ڄاڙيءَ سان ڳنڍيل ۽ مٿان کان هيٺ زمين ڏانهن وريل هوندا هئا. -ان- جا کائڻ وارا اصل ڏند مهارن کان مٿي 3.5 سينٽي ميٽر ۽ ويڪر ۾ 6.5 سينٽي ميٽر هئا. هي ڏند ڏاٺن جهڙا آهن، -جن- ۾ ٻن کان ٽي کانچا (ridges) آهن. اهي ڏاٺون ظاهر ڪن ٿيون ته هي هاٿي پنهنجي غذا کي وات ۾ چڱيءَ طرح چٻاڙي کائيندو هو. ڊائنو ٿيريم مايوسين (25 ملين سال اڳ) پلائسٽيسن عهد تائين موجود هو. سائنسدانن جو خيال آهي ته هي ٻيلن ۾ رهندو هو ۽ هيٺ وريل نيشن سان ٻوٽن جون پاڙون ۽ وڻن جا -ٿڙ- کوٽي کائي ويندو هو. يعني لڪيءَ وارو -جبل- انهن ڏينهن ۾ گهاٽي ٻيلي سان ڍڪيل هو، اهي برساتي -ٻيلا- هئا -جن- ۾ تمام ڊگها وڻ موجود هئا. اهڙن ڊگهن وڻن جا پنڊ پهڻ موجود آهن. لڪي -جبل- ۾ -بدر- ابڙي جي رپورٽ موجب انهن مان هڪ وڻ جو 52 فٽ يڪو -ٿڙ- ايترو ويڪرو آهي، جو اهو ٻن ماڻهن جي گڏيل ڀاڪر ۾ مشڪل سان ايندو. اهو -ٿڙ- کان به وڏو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته -ان- جو باقي حصو ٽڪريءَ ۾ اندر پوريل آهي. هڪ ٻيو پنڊ پهڻ 120 فٽ ڊگهوهو، پر بدقسمتيءَ سان اهو پنهنجي وزن سبب ٽڪرن ٽڪرن جي صورت ۾ هڪ ڍوريءَ تي آرپار پيو آهي. اهو علائقو ارضياتي طور ’منڇر جوڙجڪ‘ جو آهي. ٽيون مرحلو اڇي سرمائي ۽ ناسي وارياسي -پٿر- ۽ نارنگي ڳاڙهي مٽيءَ تي ٻڌل آهي ۽ الهندي سنڌ ۾ آهي. هي ٿُلهو، وڏن تَهن وارو سرمائي ريتيلو -پٿر- آهي، پر ڪنگلامَرَٽ حالتن ۾ به ملي ٿو، جنهن جي درجي -بندي- گاج ناڙي ننڍڙين گول پٿرين ۽ گول جِنبن (pebbles and boulders) طور ڪري سگهجي ٿي. -ان- ۾ پٿرايل ٻيلو آهي، جنهن ۾ ٿُڙن جا ٽڪرا ڏسجن ٿا. -ان- ۾مٽيءَ جو به وڏو مقدار آهي. -ان- جي ٿولهه 3000 فٽن تائين آهي. سيوهڻ کان -اتر- ۾ اهو حصو گاج نئن وٽ ۽ وري ڏکڻ ۾ لڪي شاهه صدر کان رني ڪوٽ سلسلي ۽ پوٺن جي وچ ۾ هلندو وڃي ٿو، يعني اهو ئي زمانو لڪي سلسلي ۽ -ان- جي ڀرپاسي ۾ عظيم برساتي ٻيلن ۽ انهن ۾ رهندڙ عظيم جهنگلي جيوت (هاٿين) جو آهي. -ان- خطي ۾ -اوڀر- وارو سڄو علائقو، جيڪو هاڻي سنڌ جو ميداني علائقو آهي، -ان- وقت سمنڊ هو.[1]

حوالا[سنواريو]